لنڊ(م ڊ) برطانوي هائوس آف لارڊز ۾ ”پاڪستان ۾ جمهوريت کي خطرو“جي عنوان سان بحث ڪيو ويو. بحث ۾ ڪيترن ئي برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن پڻ بحث ۾ حصو ورتو.ان بحث ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري، مهرابانو قريشي ۽ اڳوڻي برطانوي گهرو وزير پريتي پٽيل به حصو ورتو.ان موقعي تي پارليامينٽ ميمبر ناز شاهه چيو ته اسان پاڪستان جا دشمن نه آهيون دوست آهيون، پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا.لارڊ حنان چيو ته مان پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني ڏسڻ چاهيان ٿو. پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ تازيون چونڊون شفاف نه هيون. پارليامينٽ ميمبر ايوب خان چيو ته اسان پاڪستان ۾ چونڊيل نمائندن جي حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا. پاڪستان اسان جي دل جي ويجهو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اُتي جمهوريت وڌي.مهر بانو قريشي چيو ته چونڊن جي شفاف آڊٽ ٿيڻ تمام ضروري آهي، اسان جي پارٽي جو چونڊ نشان کسيو ويو. اسان کي آزاد اميدوار طور وڙهڻ تي مجبور ڪيو ويو.
UKparliamentarians ImranKhan Pakistan