وومينز ايشيا ڪپ: پاڪستان جي يو اي اي کي تاريخي شڪست

دمبولا ( ويب ڊيسڪ ) وومينز ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي وومين ايشيا ڪپ ۾ ڏهن وڪيٽن تان سوڀ ماڻيندڙ پهرين ٽيم بڻي وئي آهي.
پاڪستان اڄ گڏيل عرب رياستن کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏني، ان کان اڳ اٺ ڀيرا مختلف ٽيمون نوَ وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري چڪيون آهن.
پاڪستان ٽيم پنهنجي تاريخ ٻيو ڀيرو ڪنهن ميچ ۾ ڏهن وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان کان اڳ پاڪستان 11 سال اڳ آئرلينڊ ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
گل فيروزا ۽ منيبا علي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ٻه ڀيرا سئو کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري قائم ڪندڙ پهرين پاڪستاني جوڙي بڻجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.