اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد انتظاميا پاڪستان تحريڪِ انصاف جي مرڪزي آفيس کي هڪ ڀيرو ٻيهر سيل ڪري ڇڏيو.
تحريڪِ انصاف جي آفيس کي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن اسلام آباد طرفان سيل ڪئي وئي آهي.
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن اختيارين طرفان موڪليل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آفيس کي فائر اينڊ لائيف سيفٽي انتظام نه هئڻ سبب سيل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته اسلام آباد پوليس 22 جولاءِ تي پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ مان ترجمان رئوف حسن سميت ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو جن کي اڄ ايف آءِ اي عدالت ۾ پيش ڪري سندن رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.
You might also like