لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف لاهور ۾ داخل 9 مئي جي ڪيسن ۾ جاچ لاءِ ٽيم اڄ وري اڊيالا جيل پهچي وئي.
عمران خان خلاف 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ جي جاچ لاءِ لاهور پوليس جي 12 رڪني جاچ ٽيم اڊيالا جيل پهچي وئي آهي.
لاهور پوليس جي ٽيم 12 انسپيڪٽرز تي ٻڌل آهي جنهن جو سربراهه ڊي آءِ ايس پي جاويد آصف آهي، پوليس اڄ اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جا 3 ٽيسٽ ڪندي جنهن ۾ سندس پولي گرافِڪ، وائس ميچنگ ۽ فوٽو گراميٽري ٽيسٽ ڪيو ويندو.
پي ٽي آءِ باني گذريل ڏينهن لاهور پوليس آڏو پيش نه ٿيو هو، هن وڪيلن جي موجودگي ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو شرط رکيو .
ياد رهي ته لاهور دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جو 25 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like