پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن سميت پي ٽي آءِ جي ٻين ڪارڪنن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.
ايف آءِ اي رئوف حسن کي سيشن عدالت جي جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پي ٽي آءِ طرفان وڪيل لطيف کوسو عدالت ۾ پيش ٿيو.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کان رئوف حسن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي ڊيوائسز برآمد ڪرڻيون آهن، ڊيوائسز ملنديون ته جاچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي، اي ايف آءِ ڪيس ۾ 30 ڏينهن تائين رمانڊ ڪري سگهجي ٿو.
پي ٽي آءِ وڪيل لطيف کوسي رئوف حسن جي جسماني رمانڊ جي استدعا جي مخالف ڪندي چيو ته تحريڪِ انصاف جي آفيس سيل ڪئي وئي آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس آهي، فل ڪورٽ جي 11 ججن چيو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي هئي ۽ رهندي.
هن وڌيڪ چيو ته هڪ جوابدار جي چوڻ تي ڪيس ۾ رئوف حسن کي نامزد ڪيو ويو، تحريڪِ انصاف جي گرفتار ڪارڪنن جون ڊيوائسز ۽ موبائيل ايف آءِ اي وٽ آهن.
ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي رئوف حسن جي ڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي جڏهن صفائي واري وڪيل رئوف حسن ۽ ٻين کي ڪيس ۾ ڊسچارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
عدالت رئوف حسن سميت پي ٽي آءِ جي ٻين ڪارڪنن جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو جڏهن ته ٻن عورتن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.
ياد رهي ته رئوف حسن کي 22 جولاءِ تي اسلام آباد پوليس طرفان پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.