اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نون ليگ کانپوءِ پيپلز پارٽي به مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪري ڇڏي.
پ پ طرفان فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي جنهن ۾ حامد رضا، اليڪشن ڪميشن ۽ سني اتحاد ڪائونسل سميت 11 ڄڻن کي ڌر بڻايو ويو آهي.
پ پ جي اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين حامد رضا آزاد اميدوار طور چونڊن ۾ حصو ورتو، سني اتحاد ڪائونسل طرفان ڪنهن به چونڊ نه وڙهي ته پوءِ مخصوص سيٽون نٿيون ملي سگهن.
اپيل ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪِ انصاف درخواست داخل نه ڪئي، نه ڌر بڻي، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن، تحريڪِ انصاف کي ري گهريون سيٽون ڏنيون ويون آهن.
پ پ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪجهه سوال اُٿاريا ۽ چيو ته ڇا سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن؟ ڇا اهڙي پارٽي کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن جنهن لسٽ جمع ناهي ڪرائي؟ ڇا اهڙي پارٽي کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن جنهن جي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا؟
پيپلز پارٽي سوال اُٿاريو ته ڇا مخصوص سيٽون خالي ڇڏي سگهجن ٿيون يا اهڙي پارٽي کي ڏنيون وڃن جنهن چونڊ نه وڙهي هجي؟ ڇا مخصوص سيٽون اهڙي پارٽي کي ملي سگهن ٿيون جنهن جو هڪ اميداوار به قومي ۽ صوبائي سيٽ نه کٽي هجي؟
پ پ پنهنجي نظرثاني اپيل ۾ مخصوص سيٽن جو 12 جولاءِ جو فيصلو واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ نون ليگ مخصوص سيٽن واري فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري چڪي آهي جڏهن ته حڪومت طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي.
مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جي خلاف نون ليگ کانپوءِ پ پ به سپريم ڪورٽ پهچي وئي
You might also like