لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن ڇڏڻ بعد ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مسلم ليگ ن تي چاپلوسيءَ ڪندڙ ٽولي جو قبضو آهي، چاپلوسيءَ ڪندڙ ٽولي سبب ن ليگ اڄ اهڙي حالت ۾ پهتي آهي، 100 ڏينهن جي حڪومت دوران عوام کي ڪا به رليف نه ملي سگهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف صاحب بصيرت رکندڙ ليڊر آهي، مريم بي بي به انهيءَ نظام جو حصو آهي، مريم بي بي جي ايڊوائزري ڪائونسل اهڙو ڪهڙو تير هنيو آهي جنهن تي دعويٰ ڪري سگهجي، هن چيو ته نواز شريف پنهنجي ڌيءُ کانسواءِ ٻين ماڻهن جي وجهه سان به بي بس آهي، منهنجي صلاح آهي ته نواز شريف تمام معاملا پنهنجي هٿ ۾ کڻي، مسلم ليگ ن باني پي ٽي آءِ کي ليڊر بڻائي ڇڏيو آهي.