حيدرآباد ۽ ڀرپاسي قهر جي گرمي، هڪ ڏينهن اندر 11 لاش هٿ

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۽ ڀرپاسيءَ جي علائقن ۾ هڪ ڏينهن اندر گرمي وگهي 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حيدرآباد جي مختلف علائقن مان هٿ آيل سمورا لاش لاوارث ڄاڻائي تدفين لاءِ ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيا ويا.
ايڌي زونل انچارج موجب سول اسپتال ۽ لاڳاپيل ٿاڻن معرفت اڄوڪي ڏينهن ۾ 11 ڄڻن جا لاش مليا آهن.
ايڌي انچارج معراج الدين جو چوڻ هو ته 4 لاش سول اسپتال معرفت مليا آهن، حالي روڊ، اي سيڪشن، ناراجيل مان هڪ هڪ لاش مليو.
ايڌي انچارج چيو ته مارڪيٽ ۽ فورٽ ٿاڻن جي جي حد مان 2,2 لاش مليا آهن، سمورا ماڻهون گرمي جي سٽ نه سهڻ سبب فوت ٿيا آهن.
سمورا لاش ايڌي يونٽ منتقل ڪري غسل بعد تدفين لاءِ مقامي قبرستانن ڏانهن منتقل ڪري سندن تدفين ڪئي وئي آهي.

Pakistan Sindh Hydrabad

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.