ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات بعد بجلي جا ڪيترائي فيڊرز ٽرپ ٿي ويا.
ڪنري، جهڏو، ڪوٽ غلام محمد ۾ برسات بعد ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، کورواهه ۽ ڀرپاسي برسات جو تيز وسڪارو ٿيو.
ڪنري جي دڙيلو موري لڳ ڳوٺ قاضي شاھد ميمڻ ۾ پورهيت پانچو ڪولهي جي گهر تي وڄ ڪرڻ سبب پورهيت پانچو ڪولهي جي ھڪ ڍڳي ۽ ھڪ ٻڪري سڙي مري وئي.
اڏيرولال، هالا،سامارو، ڪڙيوگهنور ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات بعد نظام زندگي مفلوج بڻجي وئي،پنگريو شھر سميت ڀرپاسيءَ جي 400 سو کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ٿي وئي.
بدين جي ساحلي پٽي ۽ شهرن ڪڍڻ، سيراڻي ٻه ڊمي، کوسڪي، شادي لارج ۽ ٻين علائقن ۾ به تيز برسات بعد گرميءَ جو زور ٽٽي ويو.
Pakistan Sindh Rain
You might also like