واٽس ايپ ۾ هلندڙ سال جي سڀ کان وڏي تبديلي لاءِ تيار وڃو جيڪا تمام جلد واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي ويندي.
نئين تبديلي کانپوءِ اوهان واٽس ايپ کي نمبر شيئر ڪرڻ کانسواءِ به استعمال ڪري سگهندئو، گهڻي قدر ماڻهو واٽس ايپ ۾ اوپرن ماڻهن سان فون نمبر شيئر ڪرڻ کان لنوائيندا آهن ڇوته نمبر جي اشتهارن سميت مختلف مقصدن لاءِ سندن اجازت کانسواءِ استعمال ڪرڻ جو خدشو هوندو آهي.
واهپيدارن جي پريشاني کي ڌيان ۾ رکندي واٽس ايپ طرفان هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو فون نمبر کانسواءِ ماڻهن سان رابطو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ ۾ هڪ زبردست فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ فون نمبر بدران يوزر نيم استعمال ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
جڏهن ڪو واهپيدار پنهنجو يوزر نيم تيار ڪري وٺندو ته سندس فون نمبر ٻين ماڻهن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويندو جنهن سبب واهپيدارن جي سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي.
فلحال فيچر آزمائشي مرحلي ۾ آهي جيڪو شروعاتي طور ايپ جي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
جڏهن اِهو مڪمل طور متعارف ڪرايو ويندو ته اِهو فيچر واٽس ايپ چيٽ کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيندو.
فيچر ذريعي هر صارف پنهنجو هڪ يوزر نيم تيار ڪري اِهو دوست، گهروارن ۽ ڪانٽيڪٽس سان رابطي ۾ استعمال ڪري سگهندو.
ان کانسواءِ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واهپيدار پنهنجو يوزر نيم تبديل به ڪري سگهندا جنهن سبب کين پروفائيل تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ٿيندو.
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته اِهو فيچر فلحال بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، پر تمام جلد سمورن واهپيدارن لاءِ اِهو فيچر متعارف ڪرايو ويندو .
You might also like