بُري خبر، هاڻي ڇڪو هڻڻ تي بيٽر کي آئوٽ قرار ڏنو ويندو!

دنيا جي هڪ قدم ڪلب رانديگرن تي ڇو هڻڻ جي پابندي مڙهي وئي آهي، گرائونڊ جي ڀرپاسي رهندڙ ماڻهن بالن سبب ٿيندڙ نقصان تي شڪايت ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ قديم ڪرڪيٽ ڪلب سائوٿ وڪ اينڊ شروهم ڪلب طرفان رانديگرن تي ڇڪو هڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ڇو ته مقامي ماڻهن شڪايت ڪئي هئي ته بالن سبب گهرن جي درين، ڪارن ۽ شيڊز کي نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته اڪثر بال لڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا آهن.
سائوٿ ورڪ اينڊ شروهم جي ترجمان موجب، 1790 ۾برائٽن ويجهو قائم ڪيل ڪلب جي بيٽرز کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته پهرئين ڇڪي تي ڪا به رنس نه ملندي ۽ ٻيو ڇڪو هڻڻ تي بيٽر کي آئوٽ قرار ڏنو ويندو.
ٻئي پاسي هڪ بيٽر ڇڪي کي راند جي سڃاڻپ قرار ڏيندي پابندي کي کِل جوڳو قرار ڏنو ۽ چيو ته انشورنس ڪمپنيون راندين لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اوهان ڪرڪيٽ گرائونڊ سان لڳ گهر خريد ڪريو ٿا ته پوءِ ذهني طور ان شئي لاءِ به تيار رهو ته بال ايندو.
ان کانسواءِ گرائونڊ جي ڀرسان رهندڙ علائقي واسين جو پابندي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چوڻ آهي ته سندس ابا ڏاڏا هن گهر ۾ رهيا آهن، ڪرڪيٽ سبب ڪيترو ئي نقصان ٿيو.
هڪ ٻئي رهواسي چيو ته پابندي واري فيصلي مان متفق نه آهيان، منهنجي گهر ڪڏهن بال ناهي آيو، مڃيون ٿا ميدان ننڍو آهي پر ڇو ڪرڪيٽ جو حصو، خوبصورتي ۽ سڃاڻپ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.