سون يڪدم سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو 2 لک 51 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 857 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 15 هزار 192 رپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه ٻه ڊالر واڌ بعد 2382 ڊالر ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.