گڏاڻي برادري جو ميڙاڪو، نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ وارثن جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان

گهوٽڪي ( رپورٽ :آزاد مھر) سنڌ جي مختلف شهرن مان گڏاڻي برادري سان واسطو رکندڙ نوجوان عوامي آواز جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پهچي سندن وارثن سان ملاقات  ڪئي ۽ شهيد جو ڪيس وڙهڻ لاءِ متحد ٿي وارثن جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. شهيد صحافي جي وارثن آيل گڏاڻي برادري جي نوجوانن جا ٿورا مڃيا. مختلف شهرن گهوٽڪي، عادلپور، خانپورمهر، ٺڪراٺو، پنوعاقل، سکر، ۽ ٻين شهرن مان گڏاڻي برادري جا نوجوان عبدالقيوم، عبدالقدير، فتح محمد، خان محمد، حاجي دوست علي، هزار خان، رٽائرڊ اي ايس آءِ فيض محمد، رٽائرڊ صوبيدار خادم حسين، ميوو خان، حاجن گڏاڻي، محمد افضل، محمد عارف، صحافي عبدالوحيد گڏاڻي، خالد محمود، محمد عيسي ۽ ٻيا شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي ۾ سندس وارثن وٽ پهتا. ان موقعي تي هنن شهيد صحافي جي ڀاءُ محمد يعقوب گڏاڻي ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪئي. گڏاڻي برادري جي ٿيل ڪٺ ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن خلاف نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي گڏاڻي برادري جي ماڻهن صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جو ڪيس قانوني طريقي وڙهڻ لاءِ پڻ حڪمت علي جوڙي وئي. گڏاڻي برادري جي نوجوانن پاران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڳوٺ هلي اچي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪرڻ تي شهيد جي ڀاءُ محمد يعقوب گڏاڻي سندن ٿورا مڃيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.