اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) اڳوڻي واپار واري وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته حڪومت آءِ پي پيز جي معاهدن سبب پاور پلانٽ مان 750 رپيا في يونٽ بجلي خريد ڪري رهي آهي. آءِ پي پيز جا معاهدا نڙي ۾ هڏي سمجهي اٽڪي ويا، انڪشاف ٿيو آهي ته هڪ پاور پلانٽ 750 رپيا في يونٽ بجلي خريد ڪري رهيو آهي. گوهر اعجاز جو چوڻ آهي ته مون ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڊيٽا شيئر ڪري چاليهه خاندانن خلاف آواز اٿاريو آهي، حڪومت ڪول پاور پلانٽس مان 200 رپيا في يونٽ جي حساب سان بجلي خريد ڪري رهي آهي. شمسي ۽ ونڊ پاور پلانٽس مان 50 رپيا في يونٽ خريد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهي سمورا پاور پلانٽس 20 سيڪڙو کان به گهٽ گنجائش تي هلي رهيا آهن، انهن آءِ پي پيز کي 1.95 ٽريلين رپيا ادا ڪيا ويا آهن، هنن آءِ پي پيز جي 160 ارب رپين جي بقايا رقم جي تصديق ڪئي پئي وڃي. گوهر اعجاز چيو ته حڪومت ٽن پاور پلانٽس کي 370 ارب رپيا ادا ڪري رهي آهي جيڪي 15 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي هلي رهيا آهن. ان جو واحد حل آهي ” گنجائش ناهي ته ادائگي به نه ٿيندي“. آءِ پي پيز کي رڳو بجلي جي پيداوار لاءِ ادائيگي ڪئي وڃي. آءِ پي پيز کي ٻئي ڪاروبار وانگر سلوڪ ڪيو وڃي. گوهر اعجاز وڌيڪ چيو ته 52 سيڪڙو آءِ پي پيز حڪومت ۽ 28 سيڪڙو پاڪستاني نجي شعبي مان آهن. انهن ڪرپٽ معاهدن جي ڪري اسان 60 رپيا في يونٽ ادا ڪريون ٿا. هوڏانهن گذريل 2 سالن دوران بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 22 رپيا 53 پئسا في يونٽ تاريخي واڌ ڪئي وئي آهي. بجلي جي صارفين تي 3 رپيا 23 پيسا في يونٽ مستقل سرچارج الڳ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 2 سالن ۾ بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 25 رپيا 76 پيسا اضافو ٿي ويو. 2 سالن ۾ بجلي صارفين تي 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافي بار وڌو ويو. ذريعن موجب بجلي جي بنيادي قيمت ۾ جولاءِ کان آڪٽوبر 2022 تائين 7 رپيا 91 پئسا ۽ جولاءِ 2023 ۾ 7 رپيا 50 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي. جولاءِ 2023 ۾ به 3.23 رپيا في يونٽ جو فڪسڊ سرچارج لاڳو ڪيو ويو ۽ جولاءِ 2024 ۾ بنيادي ٽيرف 7.12 رپيا في يونٽ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ گهريلو صارفين لاءِ بنيادي ٽيرف 48.84 رپيا في يونٽ ٿي ويو ٽيڪس ۽ ڊيوٽي سان گڏ هڪ کان 100 يونٽن تائين محفوظ صارفين لاءِ ٽيرف 19 رپيا 75 پيسا ۽ 101 کان 200 يونٽن تائين محفوظ صارفين لاءِ ٽيرف 22 رپيا 71 پئسا هوندو. 201 کان 300 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 7.12 رپيا وڌي 34.26 رپيا جڏهن ته 301 کان 400 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 7.02 رپيا وڌي 39.15 رپيا ٿي ويو آهي. 401 کان 500 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 6.12 رپيا وڌي 41.36 رپيا ۽ 501 کان 600 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 6.12 رپيا وڌي 42.78 رپيا ٿي ويو آهي. 601 کان 700 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 6.12 رپيا وڌي 43.92 رپيا، جڏهن ته 700 کان وڌيڪ يونٽن جو ماهوار ٽيرف 6.12 رپيا وڌي 48.84 رپيا ٿي ويو آهي.
مهانگي بجلي معيشت ۽ مڊل ڪلاس طبقي کي تباهه ڪري ڇڏيو: حافظ نعيم
لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان آءِ پي پيز جي معاهدن کي پڌرو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ حافظ نعيم چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جو بحران آهي، جيڪڏهن بجلي وڌيڪ آهي ته پوءِ لوڊشيڊنگ ڇو؟ 1994ع کان وٺي آءِ پي پي ڪانٽريڪٽ اسڪينڊل هلي رهيو آهي، مهانگي بجلي ملڪي معيشت ۽ وچولي طبقي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جاگيردار ۽ وڏيرا حڪومت ۾ ويٺا آهن، انهن تي ٽئڪس ناهي لڳائي وئي. هن چيو ته ڪاروباري ماڻهو ٽئڪس ڏيڻ چاهي ٿو پر سهولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن، وڏن ماڻهن کي مفت بجلي ۽ ٻيون رعايتون ختم ڪيون وڃن، آءِ پي پي معاهده قبول نه آهن، انهن کي پڌرو ڪيو وڃي. 26 جولاءِ تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو.
آءِ پي پيز کي بجلي خريد ڪرڻ کانسواءِ 2 کرب رپين جون ادائيگيون
اسلام آباد (م ڊ) ڪيپيسٽي پيمينٽ جو جن بي قابو ٿي ويو، گذريل سال آءِ پي پيز کان 1198 ارب رپين جي بجلي جي خريداري ڪئي وئي پر 3127 ارب جون ادائيگيون ڪيون ويون، هڪ سال ۾ آءِ پي پيز کي بجلي خريد ڪرڻ کانسواءِ 1929 ارب رپين جي ڪيپسٽي پيمينٽ ڪئي وئي. آءِ پي پيز کي ڪيل ڪل ادائيگين ۾ 38 سيڪڙو پيداواري لاڳت آئي، 62 سيڪڙو ڪيپيسٽي پيمينٽ جو انڪشاف ٿيو، 85 سيڪڙو آءِ پي پيز کي پيداوار 50 سيڪڙو کان گهٽ پر ادائيگيون 100 سيڪڙو ڪيون ويون. ٻڙي سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر وارن پاور پلانٽس کي هڪ سال ۾ 46 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڪيپيسٽي پيمينٽ ادا ڪئي وئي. ٻڙي سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر وارن پلانٽس ۾ حبڪو، ڪيپڪو، ايڇ سي پي سي شامل آهن. 4 سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر رکندڙ هڪ پلانٽ کي 7 ارب رپين کان وڌيڪ جي ادائيگي ڪئي وئي، 8 سيڪڙو پيداوار واري نندي پور پلانٽ کي 15 ارب رپين جي ڪيپيسٽي پيمينٽ ادا ڪئي وئي. ڪيپيسٽي کان 25 سيڪڙو گهٽ بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس کي 568 ارب رپيا ڪيپيسٽي پيمينٽ ڪئي وئي، 25 سيڪڙو کان 83 سيڪڙو تائين بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس کي 1314 ارب رپين جي ڪيپيسٽي پيمينٽ ڪئي وئي.
وزيراعظم جي پٽ جي آءِ پي پي کي ٽن مهينن ۾ 63 ڪروڙن جي ڪمائي
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم شهبازشريف جي پٽ سليمان شهباز جي آءِ پي پي کي ٽن مهينن ۾ 63 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪيپسٽي پيمينٽس جون ادائيگيون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وزيراعظم جي پٽ جي چنيوٽ پاور لميٽڊ نالي آءِ پي پي کي جنوري 2024ع ۾ 63 سيڪڙو ڪيپسٽي تي 30.8 ڪروڙ، فيبروري ۾ 65 سيڪڙو ڪيپسٽي تي 23.1 ڪروڙ جڏهن ته مارچ ۾ 27 سيڪڙو ڪيپسٽي تي 9.99 ڪروڙ ادا ڪيا ويا.
آءِ پي پيز معاهدا ن ليگ ۽ پ پ جي حڪومتن ۾ ڪيا ويا: قاسم سوري
ڪوئيٽا(م ڊ) اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سماجي رابطي جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آءِ پي پيز معاهدا 1994ع،2002ع ۽ 2015ع ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي حڪومتن ۾ ڪيا ويا،ڪروڙين عوام جي ڪمائي ڪيپسٽي پيمينٽ جي نالي تي 40 خاندانن کي ڏني پئي وڃي، 4 آءِ پي پيز کي بجلي پيدا ڪرڻ کان بغير ئي هر مهيني 10 ارب رپيا ڏنا پيا وڃن، شينهن ۽ تير جا ڪمال آهن
لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو ڳالهه جذبات ۾ ڪئي: وزيراعظم
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام جي ترقي، صحت ۽ تعليم تي ڪڏهن به سياست نه ٿيڻ گهرجي.اسالام آباد جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جناح ميڊيڪل سينٽر منصوبو نواز شريف جي گڏيل حڪومت جو تحفو آهي.وزير اعظم چيو ته حڪمران طبقو ۽ سرندي وارا پرڏيهه مان به علاج ڪرائي سگهن ٿا پر غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃن، انڪري هنن سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتون فراهم ڪيون آهن، مفت سٽي اسڪين مشينون لڳايون ويون آهن، ليبارٽري جي في صرف 10 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.شهباز شريف چيو ته 2011ع ۾ 20، 20 ڪلاڪن بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، جيڪو سلسلو هنن ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ڪٿي به 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ نه ٿي ٿئي.هن چيو ته 2013ع ۾ اليڪشن مهم دوران 6 مهينن اندر بجلي جي لوڊشِڊنگ ڪرڻ جي ڳالهه جذبات ۾ اچي ڪئي هئي.
نيٽ ميٽرنگ ۾ جمع ٿيل بجلي يونٽ مهيني اندر خرچ ڪرڻ جي تجويز
اسلام آباد (م ڊ) حڪومت وٽ نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان هڪ نئين تجويز سامهون آئي آهي، جنهن موجب نيٽ ميٽرنگ استعمال ڪندڙن کي جمع ڪيل يونٽ هاڻي ٽن مهينن بدران هڪ مهيني ۾ خرچ ڪرڻا پوندا، جنهن جي ناڪامي تي اهي يونٽ ضايع ٿي ويندا. جيڪڏهن اهو فيصلو لاڳو ٿئي ٿو ته وڏا سولر سسٽم لڳائيندڙن کي نقصان جو منهن ڏيڻو پوندو ۽ بيٽري بئنڪ وڌائڻ جي ضرورت پوندي. جرمني جي مکيه ترقياتي اداري پاران نيٽ ميٽرنگ ذريعي بجليءَ جي ورڇ بابت ڪرايل سيمينار ۾ ڳالهائيندي ماهرن نيٽ ميٽرنگ بابت خدشن جو اظهار ڪندي انهن کي حل ڪرڻ جا طريقا ٻڌايا.
گوهر اعجاز وفاقي وزير هو ته آءِ پي پيز بابت چپ ڇو رهيو؟ مبشر لقمان
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) صحافي ۽ ولاگر مبشر لقمان اڳوڻي وفاقي وزير گوهر اعجاز کان سوال ڪيو آهي ته هو هڪ سال وفاقي وزير رهيو هو ان دوران هو آءِ پي پيز جي معاملي تي خاموش ڇو رهيو. گوهر اعجاز جو حوالو ڏيندي هن ٻڌايو ته نيپرا، جنوري 2024 کان مارچ 2024 تائين جو منظرعام سامهون آيو آهي، گوهر اعجاز موجب ان دوران هر مهيني آءِ پي پيز کي 150 ارب رپيا ڪيپيسٽي چارجز ڏنا ويا، جن ڪمپنين کي 50 ارب رپيا ڏنا ويا، انهن مان اڌ رڳو 10 سيڪڙو پيداواري صلاحيت تي ڪم ڪيو، جڏهن ته 4 پاور پلانٽس هڪ يونٽ بجلي نه ٺاهي. هر مهيني انهن کي به هڪ هزار ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا. اسان جي حلال آمدني ڪيپيسٽي چارجز جي اوٽ ۾ 40 ڪٽنبن کي ڏني پئي وڃي. ٻئي پاسي ڪورنگي ايسوسيئيش آف انڊسٽريز، آءِ پي پيز جي فارنزڪ آڊٽ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته آءِ پي پيز کي هر مهيني 10 ارب رپيا بجلي نه ٺاهڻ جا پيسا ڏنا پيا وڃن. هن گوهر اعجاز کان سوال ڪيو ته گوهر اعجاز کان سوال آهي ته تقريبن هڪ سال تائين هو منسٽر رهيو، وفاقي وزير رهيو، ان وقت هن آءِ پي پيز جو ڪيس ڇو نه اٿاريو، ان وقت هن ڪو فارميٽ ڇو نه ٺاهيو؟ ڇا گوهر اعجاز ان جو به جواب ڏيندو . ٻئي پاسي صحافي ۽ ولاگر ارشاد ڀٽي چيو آهي ته نواز شريف گذريل ڏينهن چيو ته بجلي جو بل غريب ماڻهو ادا نٿو ڪري سگهي جڏهن ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري نجي بجلي گهرن سان شرمناڪ معاهدا ڪيا جنهن سبب عوام جا هاڻي هٿ پير ٻڌل آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ بجلي 8 سينٽ جي آهي، بنگلاديش ۾ 6 سينٽ جي آهي، چين ۾ 4 سينٽ جي آهي، پاڪستان ۾ 16.5 سينٽ في يونٽ بجلي ملي رهي آهي.
ٿر ڪول سان بجلي اڍائي رپيا سستي ٿيندي: اويس لغاري
اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته چين مان بجلي گهر گهرائڻ کان کي ٿر مان ڪوئلو استعمال ڪرڻ لاءِ چونداسين، ان جي استعمال سان توانائي ۽ بجلي جي قيمتن تي وڏو اثر پوندو. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي توانائي واري وزير چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان بجلي جي اگهه ۾ ٻه اڍائي رپيا لاٿ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان کي امپورٽ ۾ ساليانو 200 ارب رپين کان وڌيڪ جي بچت ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته هر سال 100 ارب رپين جي گردشي قرضن کي گهٽائڻ لاءِ سڌارا آڻي رهيا آهيون. چين کان توانائي جي قرضن جي ري پروفائلنگ هن مهيني بيجنگ ۾ ٿيندي.