جيتوڻيڪ ماھرن موسم جي بي رحمي بابت اڳواٽ ھوشيار ڪندا رھيا آھن پر ان جو مشاھدو تازو ھاڻي اسان جا ماڻھو ڪري رھيا آھن.قدرتي آفتن بابت ھن کان اڳ بھ اشارا ملي رھيا ھئا پر ھاڻوڪي نھ سھڻ جھڙي گرمي ۾ سڙڻ بعد ھر ڪنھن کي ڳڻتي اچي ورتو آھي.
اھو درست آھي تھ ھي دنيا جي ھر ملڪ جو مسئلو آھي،جنھن کي گڏيل طور تي ئي منھن ڏئي سگھجي ٿو،ڪجھھ سالن کان ان تي ڪافي ڪم ٿيو آھي،پر ٻين قدرتي آفتن جيان گلوبل وارمنگ کي پڻ ھڪ قدرتي آفت سمجھي ڪري منھن ڏيڻ ۽ ان کان بچاءَ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي.اسان جي ملڪ ۽ حڪمرانن جي بدقسمتيءَ ھي آھي تھ اسان سياسي،معاشي ۽ آئيني مونجھارن ۾ ايترو ڦاٿل آھيون يا ھٿ سان ڦاسايو ويو آھي جو ھن عالمي مسئلي ڏانھن ڪو بھ ڌيان ڏيڻ لاءِ نھ وقت آھي، نھ ڪو ارادو آھي.
ھڪ بنيادي ڳالھھ ھي آھي تھ ھن سموري ڪائنات ۾ ڌرتيءَ واحد سيارو آھي جتي ئي زندگيءَ آھي،اھو ئي دنيا جي سموري مخلوق جي رھڻ لائق واحد ھنڌ آھي ٻين لفظن ۾ ھي ڌرتيءَ ئي سموري حيات جو ھڪڙو ئي گھر آھي.
ٻي حقيقت ھي آھي تھ اشرف المخلوقات سڏجندڙ انسان جي ھٿ چراند سان ئي ھن ڌرتيءَ جي جنت کي دوزخ بڻايو ويو آھي،جنھن جي ازالي جي لاءِ رستو موجود ھوندو ۽ گھڻو ڪجھھ سمجھندي ڄاڻندي بھ دنيا جي امير ملڪ دنيا ۾ تيزي سان ٿيندڙ موسمياتي تبديلي کي روڪڻ جي لاءِ عملي طور شريڪ نھ پيا ٿين ۽ ان تي عمل جي لاءِ جوڙيل رھنما اصولن تي عمل ڪرڻ کان نٽائي رھيا آھن،ان ڪم ۾ وڏي رقم جي بھ گھرج آھي،جيڪا ڪنھن ھڪ ملڪ جي وس ۾ نھ آھي.اھو ڪم گڏيل طور سمورن ملڪن خاص ڪري ترقي ڪيل ملڪن کي ڪرڻو آھي.
اسان جي ملڪ ۽ صوبي جي ماڻھن کي پڻ احساس ٿي رھيو آھي تھ موسم جي بي رحمي پنھنجو اثر ڏيکاري رھي آھي.عام طور چوندا آھن تھ دنيا ۾ گھگھھ اونداھي جي شڪايت ڪرڻ بدران هر ڪنھن کي پنھنجي حصي جو ڏيئو ٻاري ان اونداھي ۾ جيتري ممڪن ھجي روشني پئدا ڪري، ساڳي ريت ھن گلوبل وارمنگ کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ھر ماڻھون ھر حڪومت،ھر ادارو،سياسي ۽ سماجي تنظيمون پڻ ان ۾ حصو وٺي ڪري ڪافي ڪجھھ ڪري سگھن ٿيون.
جيڪڏھن وقت جي حڪومت پھل ڪري عوام کي وڻن پوکڻ ۽ ھر وزير مشير توڻي ھر ادارو ان ۾ پنھنجو حصو وجھي تھ جيڪر عوام جو ڌيان بھ ان طرف راغب ڪري سگھجي ٿو ۽ عوامي آگاھي مھم سان تعليمي ادارن سميت سماجي ادارن کي ان ۾ شامل ڪري خاصو ڪجھھ ڪري سگھڻ ممڪن آھي.ان ڪم ۾ مڪاني ادارن جي سسٽم کان بھ ڪم وٺي سگھجي ٿو.
حڪومت کي سرڪاري نصاب ۾ ماحول بابت مضمون شامل ڪري بھ ھن اھم ۽ ٻرندڙ عالمي مسئلي بابت وڌيندڙ ٻارن ۾ شعور پئدا ڪري سگھجي ٿو،پر تاحال حڪومت ۽ ان جا لاڳاپيل ادارن پاران اھڙي ڪا بھ چرپر نظر نٿي اچي،جنھن مان اھو اندازو ڪجي ٿو تھ حڪومت ھن معاملي تي ڪو بھ سنجيدھ ڪم ڪرڻ جو پروگرام نٿي رکي.
گلوبل وارمنگ سڄي دنيا ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي. اهي تبديليون ڌرتيءَ جي فضا ۾ غير معمولي تيز رفتاريءَ سان ٿي رهيون آهن ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي متاثر ڪري رهيون آهن. ٽين دنيا جا ملڪ وڌيڪ موسمي تبديلي جو شڪار ٿي رھيا آهن، ڇاڪاڻ جو انھن وٽ غريت وڌيڪ آھي.اتي جي عوام جي زندگيءَ غيرمعياري آھي.ساڳئي وقت اتي جي ماڻھن وٽ ھن وقت اڀري آيل ھن اھم معاملي کي منھن ڏيڻ جي لاءِ گھربل قابليت نھ ھئڻ برابر آھي.
موسمياتي تبديلي جو بنيادي سبب گرين هائوس گيسز جو اخراج آهي. انهن گيسن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ميٿين ۽ نائٽرس آڪسائيڊ شامل آهن، جيڪي گهڻو ڪري صنعتي سرگرمين، زرعي عمل ۽ وڏي پئماني تي ٻيلن جي واڍي مان پيدا ٿين ٿيون. صنعتي ملڪن ۾ گرين هائوس گيس جي اخراج جو سبب توانائي جي وڌيڪ استعمال ۽ ڪارخانن جي وڏي تعداد جي ڪري آهي
ٽين دنيا جا ملڪ سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي تبديلين جا اثر محسوس ڪري رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ اڪثر غريت، ڪمزور معيشت ۽ بنيادي ڍانچي جي کوٽ آهي، جيڪا انهن لاءِ موسمي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ ڏکيائي پيدا ڪري ٿي.ان جي اثرن ۾زرعي پيداوار ۾ گھٽتائي ٿيندي.ڇاڪاڻ جو موسمن ۾ تبديلي ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪري اڻمندائتي برسات جو سلسلو زرعي پيداوار تي منفي اثر وجھندو. نتيجي ۾ بک ۽ غذائي کوٽ پئدا ٿيڻ جو خطرو بھ جنم وٺندو.
گرميءَ ڏانھن وڌندڙ دنيا ۾ گليشيئرن جي رجڻ ۽ برسات جي ڦيرن ۾ تبديلي جي ڪري پاڻيءَ جي موجودگيءَ گهٽجي رهي آهي. ٽين دنيا جا ملڪ ھڪ تھ اڳ پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهن،انھن وٽ اڃا به وڌيڪ خراب صورتحال ٿي ويندي.
قدرتي آفتون جنھن ۾ غيرمتوقع طوفان، ٻوڏون، ڏڪار ۽ گرمي جي شدت ۽ ان جو لھر جو مدو بھ وڌڻ شامل آھي.جنھن سان انساني زندگيءَ، معيشت ۽ انفراسٽرڪچر تي تباهي وارا اثر پوندا.موسمي تبديلين سبب بيمارين جي پکيڙ ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. تيز گرمي سبب مڇرن ۽ ٻين جيتن جڻن جي افزائش ۾اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪي بيماري جو سبب بڻجي رهيا آهن.
ٽين دنيا جي ملڪن وٽ موسمي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت محدود ۽ وسيلا گهٽ آهن. ضروري بنيادي ڍانچي ۽ رٿابندي جي بھ کوٽ آھي.عوام اڪثر غربت ۾ رهي ٿو.جنھن ڪري قدرتيءَ آفتن کي منھن ڏيڻ جي ڏس ۾ اھي گھڻو بي وس آھن.
دنيا جي سمورن ملڪن جي اھا گڏيل ذميداري آھي تھ اھي ھن طرف ڌيان ڌرين،عالمي سطح تي ڪيل معاھدن جھڙوڪ پيرس معاهدي تي سختي سان عمل ڪن گڏوگڏ اڄ جي جديد دنيا ۾ نئين ٽيڪنالوجيز ۽ حڪمت عملين سان ان جي حل بابت تحقيق ۽ کوجنا ڪري موسم جي ھن بي رحمي کان محفوظ رھڻ ۽ گھٽ کان گھٽ نقصان ٿيڻ جي لاءِ پروگرام جوڙين ۽ ان تي عمل ڪن.
پاڪستان سميت ٽين دنيا جي ملڪن کي موسمياتي تبديلي بابت گڏجي مسئلي جو حل ڳولڻو پوندو ته جيئن ايندڙ نسل جي مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي.