ڪراچي:هاڪس بي ويندڙ فيملي کان ڦرلٽ،مزاحمت تي عورت ۽ ٻارڙي زخمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ماڙيپور ويجهو هاڪس بي ڏانهن ويندڙ فيملي جي ڪار خراب ٿي رستي ۾ بيهي رهي ته اسٽريٽ ڪرمنلز جي ور چڙهي وئي.
مزاحمت تي جوابدارن جي فائرنگ ۾ ٻارڙي ۽ عورت زخمي ٿي پيون، ڦورو پرس ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
ڊي آءِ جي ڏکڻ ڊي ايس پي ماڙيپور کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي ايس ايڇ او ماڙيپور کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ پاران هڪ هفتي اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ويو، ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي هلندڙ سال جي 7 مهينن دوران 82 ڄڻا مارجي ويا ۽ 200 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
Pakistan Karachi Police

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.