لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ مشهور ڊراما نگار خليل الرحمان سان اغوا ۽ ڦر جو واقعو پيش آيو، پوليس ڪارروائي ڪندي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
سندرٿاڻي جي پوليس خليل الرحمان قمر جي اغوا ۽ ڦر واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
ايف آءِ آر موجب جوابدار عورت آمنا خليل الرحمان قمر کي فون ڪري گهرائڻ بعد اغوا ڪرائي ورتو، جوابدارن خليل الرحمان قمر تي تشدد ڪيو ۽ موبائيل، واچ ۽ ڪيش رقم به ڦري ورتي.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن ڊراما نگار جي اي ٽي ايم مان اڍائي لک رپيا ٽرانسفر ڪري اکين تي پٽي ٻڌي ويران جاءِ تي ڇڏي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب جوابدارن جي استعمال هيٺ گاڏي به برآمد ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ جاري آهي، گرفتار جوابدارن ۾ هني ٽريب ڪرڻ واري عورت به شامل آهي.
Pakistan KhalilUrRehmanQamar DramaArtist