ڀارتي ٽيم نٿي اچي ته نه اچي، چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيندي: حسن علي

قومي فاسٽ بالر حسن علي ڀارتي ٽيم جي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ شرڪت جي حوالي سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو دوران فاسٽ بالر حسن علي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته ڀارت جي شرڪت سان هٽي ڪري ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان اتي سيڪيورٽي خدشن باوجود کيڏڻ وڃي سگهون ٿا ته هو به اچي سگهن ٿا.
هن چيو ته حڪومت ۽ بي سي سي آءِ کي الڳ ڪري ڏسو ته ڀارتي ڪرڪيٽرز به پاڪستان ۾ کيڏڻ چاهين ٿا، جڏهن ته فيصلو پاليسيز کي نظر ۾ رکي ڪيو وڃي.
حسن علي چيو ته پي سي بي چيئرمين واضح لفظن۾ چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيندي، جيڪڏهن ڀارت نٿو اچڻ چاهي ته نه اچي، ڀارت جي نه اچڻ سان ڪرڪيٽ ختم نه ٿيندي پر ان کانسواءِ ٻيون ٽيمون به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.