امباڻيءَ پٽ جي شادي تي 5 هزار ڪروڙ خرچ ڪري 25 هزار ڪروڙ ڪمائي ورتا!

ڀارت جي بزنس ٽائيڪون مڪيش امباڻي جي دولت ۾ پٽ اننت امباڻي جي شادي جي ڏينهن دوران 25 هزار ڪروڙ ڀارتي رپين جو اضافو ٿيو آهي.
مڪيش امباڻي جي پٽ اننت امباڻي شادي جون تقريبون ست مهينا جاري رهيون ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ اننت ۽ رڌيڪا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
12 جولاءِ تي ٿيل شادي جون تقريبون 14 جولاءِ تائين جاري رهيون جنهن ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي، اڳوڻي برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر، سامسنگ جي چيئرمين لي جاءِ ينگ، بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اننت امباڻي جي شادي ۾ پنج هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا خرچ ٿيا آهن جڏهن ته ان باوجود مڪيش امباڻي جي دولت ۾ لاٿ بدران رڪارڊ واڌ ٿي آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته نئين نُنهن راڌيڪا مرچنٽ جي ايندي ئي مڪيش امباڻي جي دولت ۾ ٽي هزار ڊالرز يعني 25 هزار ڪروڙ ڀارتي رپين جو اضافو ٿيو آهي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب، پنج جولاءِ تي امباڻي جي اثاثن جي ماليت 118 ارب ڊالرز هئي جڏهن ته 12 جولاءِ تي اثاثا 121 ارب ڊالرز ٿي ويا ۽ هو هڪ درجو ترقي ڪندي دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ 11 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، 12 جولاءِ تي پٽ جي شادي واري ڏينهن ريلائينس انڊسٽري جي شيئرز جي قيمت ۾ هڪ سيڪڙو وڌارو ٿيو جنهن سبب سندس اثاثا به وڌي ويا جڏهن ته گذريل هڪ مهيني دوران سندس شيئرز جي قيمت ۾ ڇهه سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.