ڏينهن ۾ 14 ڪلاڪ ۽ هفتي ۾ پنج ڏينهن ڪم ڪرڻو پوندو، بل منظور

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي ليبر ويلفيئر کاتي ۾ ملازمن جي آفيس شيڊيول ۾ ڦيرڦار لاءِ غور ويچار لاءِ هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڪرناٽڪ رياست ۾ آءِ ٽي شعبي جي ملازمن جو آفيس شيڊيول روزاني بنيادن تي 14 ڪلاڪ ڪرڻ ۽ هفتي ۾ پنج ڏينهن ڪم واري بل تي گوڙ کانپوءِ ليبر کاتي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
ڀارت ۾ اوور ٽائم سميت روزانو وڌ کان وڌ ڏهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي جڏهن ته ڄاڻايل ترميمي بل ”ڪرناٽڪ ٽاپس اينڊ ڪمرشل اسٽيبلشمينٽ 2024“ ڏينهن ۾ 14 ڪلاڪن تائين ڪم کي قانوني بڻائي ٿو.
مزدور يونين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪمپنين کي موجودا ٽن شفٽن بدران ٻن شفٽن تحت هلايو ويندي اهڙي طرح پوري هڪ شفٽ جي ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته گذريل سال ٽيڪنالوجي ڪمپني انفوسس جي شريڪ باني نارائڻ مورتي مشورو ڏنو هوته ڀارت جي ورڪ ڪلچر کي تبديل ڪرن جو وقت اچي ويو آهي ۽ هاڻي نوجوانن کي هفتي ۾ 70 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
جنهن کانپوءِ گذريل هفتي ڪرناٽڪ حڪومت هفتي ۾ 70 ڪلاڪن تائين ڪم جو بل منظور ڪيو، پر حڪومت پاران شديد عوامي احتجاج کانپوءِ مقامي اختيارين کي بل تي عملدآمد ڪرڻ کان روڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.