ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) آل رائونڊر رويندرا جاڙيجا جي ون ڊي ڪيريئر کي جلد بريڪ لڳڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب، نئين هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ چاهي ٿو جنهن سبب جاڙيجا جو ون ڊي ڪيريئر کي فل اسٽاپ لڳي سگهي ٿو.
چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڀارتي ٽيم رڳو ڇهه ون ڊي ميچون کيڏندي جنهن ۾ ٽي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ شامل آهن، جنهن ۾ سليڪٽرز اڪشر پٽيل ۽ واشنگٽن سُندر کي وڌ کان وڌ موقعو ڏيڻ چاهين ٿا.
ٻئي پاسي هلندڙ مهيني سريلنڪا خلاف شيڊيول سيريز لاءِ رويندرا جاڙيجا کي اسڪواڊ جو حصو نه بڻايو ويو آهي.
بي سي سي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ون ڊي ۾ آل رائونڊر لاءِ جاءِ ٺاهڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي جڏهن ته ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ هو اسڪواڊ جو حصو بڻجي سگهي.
2019 واري ون ڊي ورلڊ ڪپ کانپوءِ جاڙيجا هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ 40 جي ايوريج ۽ 84 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان بيٽنگ ڪندي 644 رنسون ٺاهيون آهن جڏهن ته بالنگ دوران 37 جي ايوريج سان 44 وڪيٽون پڻ ورتيون آهن.
بي سي سي آءِ اختيارين موجب، جاڙيجا جي ڪارڪردگي ۾ ڪا به خرابي ناهي، پر مئنيجمينٽ وٽ ٻين نوجوانن کي موقعو ڏيڻ چاهي ته جيئن مستقبل لاءِ ٽيم جوڙي سگهجي.