گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو، اجلاس جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو هو پر وزيراعظم ۽ ٻين ميمبرن جي مصروفيتن سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو، ان کان اڳ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 10 جولاءِ تي به ملتوي ڪيو ويو هو.

Pakistan ShahbazSharif Govt
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.