ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان بجلي سستي ٿي ويندي؟

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري جو چوڻ آهي ته بجلي گهرن کي درآمدي بدران ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪرڻ جو چونداسين.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي توانائي واري وفاقي وزير چيو ته ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪرڻ سان توانائي ۽ بجلي جي اگهن تي وڏو اثر پوندو ۽ کنڊ جي پاور پلانٽس کي فائدو ٿيندو.
اويس لغاري جو چوڻ هو ته اهڙي ريت منافعي جي واپسي آسان ٿي ويندي، ڊالر جي صورت ۾ بهتر منافعي جي آڇ ٿيندي، پاڪستان کي درآمدن ۾ 200 ارب رپين کان وڌيڪ بچت ٿي سگهي ٿي.
هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته سالياني 100 ارب رپين جو گردشي قرضو گهٽ ڪرڻ لاءِ اسٽرڪچرل رفارمز آڻي رهيا آهيون، چين سان توانائي قرضي جي ري پروفائيلنگ تي هلندڙ مهيني ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
Pakistan FedralGovt AwaisLaghari

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.