ڪراچي(رپورٽر) فيملي ڪورٽ اوڀر عدالت ۾ ڪراچي مان نابالغ ڇوڪري دعا زهرا ڪاظمي جي اغوا کانپوءِ مبينا نڪاح جو ڪيس ۾ عدالت نينگري کي مستقلي طور وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته ڇوڪري بالغ ٿيڻ تائين پنهنجي والدين سان گڏ رهندي. عدالت چيو ته نينگري جي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي حقيقي والدين حوالي ڪيو پيو وڃي.عدالت والدين کي 2 لک رپين جا ذاتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. عدالت چيو ته ڇوڪرين جي تعليم، کاڌو وغيره جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن.جڏهن به عدالت طلب ڪري ته ڇوڪري کي پيش ڪرڻو پوندو.