ڪراچي (رپورٽر) 3 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي امڙ روينا والد راجڪمار ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان گڏجي سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار وزيراعلي هائوس ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گهرو وزير طرفان پريا ڪماري لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي کان پڇا ڳاڇا کانپوءِ جي آءِ ٽي ٻڌايو ته اسان پريا ڪماري اغوا معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ عورت گرفتار ڪئي آهي جنهن جو نالو راڻي شيخ آهي. پڇا ڳاڇا ڪندي پتو پيو ته عورت پريا ڪماري کي پنجاب جي هڪڙي ماڻهو کي وڪرو ڪيو آهي جنهن بعد اسان ان عورت جي ٻڌايل نقشن موجب ان ماڻهو جو خاڪو ٺاهيو آهي. گهرو وزير ضياءَ لنجار ٻڌايو ته اسان پنجاب جي آءِ جي کي خط لکيو آهي جيڪي اسان کي ان ماڻهو کي ڳولڻ ۾ مدد ڪندا. پريا ڪماري جي آزاد ڪرائيندڙ لاءِ انعام جي رقم 50 لک مان وڌائي 1 ڪروڙ ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري جي وارثن ۽ سول سوسائٽي کي آگاهه رکڻ لاءِ جي آءِ ٽي پريا جي وارثن ۽ سول سوسائٽي کي هر هفتي رپورٽ ڏيندي ۽ سهڪار ڪندي. پريا ڪماري جي امڙ روينا چيو اسان جي آءِ ٽي کي 15 ڏينهن جو وقت ڏيون ٿا ان بعد ۾ اسان پاڻ فيصلو ڪنداسين. ملاقات ۾ پريا ڪماري جو چاچو سريش ڪمار، ڀاءُ بلرام، مکي سريش، شيما ڪرماڻي، لياقت جلباڻي، مهيش ڪمار، غزاله، وڪٽر ۽ ٻيا موجود هئا. گڏجاڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير جو چوڻ هو ته پريا ڪماري جا والدين جوڊيشل ڪميشن چاهين ٿا ته ان لاءِ به تيار آهيون، بهترين جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي جنهن ٽن سالن کانپوءِ شاهديون گڏ ڪيون آهن، اسان پريا ڪماري کي بازياب ڪرئيندڙ ٽيم لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا انعام رکيو آهي. هن چيو ته سنڌ پوليس ٻڌايو ته پريا ڪماري جيئري آهي، ان جو شاهديون مليون آهن.