بنون ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، وفاق پاران ڪي پي حڪومت جي جوڙيل جاچ ڪميشن رد

پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي شهر بنون ۾ مقامي ماڻهن جو احتجاج ٻئي ڏينهن به جاري آهي. هن مارچ ۾ شريڪ ماڻهن مطالبو ڪيو  ته بنون ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.2 ڏينهن بنون ۾ واپاري برادري جي سڏ تي ”امن مارچ“ ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جمعي جي ڏينهن احتجاجي مارچ دوران فائرنگ ۽ ڀاڄ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 شخص مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. جنهن کانپوءِ  مقامي ماڻهن جو اهو ’امن مارچ‘ ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويو. مظاهرين بنون جي مرڪزي چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مقامي جرڳي جي سربراهه قيصر عباس شاهه چيو ته احتجاج بيڊ ۽ گڊ طالبان سميت دهشتگردي جي خلاف هو،  پر هڪ پرامن احتجاج کي گولين جو نشانو بڻايو ويو جنهن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.ڌرڻي ۾ شريڪ بزرگن جو چوڻ هو ته امن لاءِ ذميوارن کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. بنون ۾ واپاري ڪنهن به هٿياربند گروپ جون آفيسون قبول نه ڪندا. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بنون ۾ ريلي تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سڀني کي خبر آهي ته بنون واقعي دوران بيگناهه ماڻهن تي فوج فائرنگ ڪئي هئي.  گذريل ڏينهن مولانا عبدالغفار سمورن اڳواڻن سان ڳالهين کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. اڄ جي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن اهو به مطالبو ڪيو ته گذريل ڏينهن فائرنگ جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور بنون ۾ جاري صورتحال جو نوٽيس ورتو آهي ۽ واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو به اعلان ڪيو آهي. بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته ڪميشن شفاف ۽ غيرجانبدارانه جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، رپورٽ منظر عام تي آڻي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ ذميوارن جي نشاندهي ڪئي ويندي، ڪميشن جي رپورٽ کان اڳ افواهون ۽ اڻ تصديق ٿيل الزامن کان پاسو ڪيو وڃي.  خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته عام طور تي حساس هنڌن تي سڪيورٽي هاءِ الرٽ هوندي آهي، آپگهاتي حملي ۾ فوجي جوان ۽ شهري شهيد ٿيا هئا، گذريل ڏينهن دهشتگردي جي موجوده لهر کي نظر ۾ رکندي حساس هنڌن تي نا خوشگوار واقعو پيش آيو گذارش آهي ته احتياط سان ڪم ورتو وڃي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن بنون ۾ امن مارچ دوران اوچتو فائرنگ ٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.