پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ٽيم جا 5 ڪارڪن مبينا کنڀجي ويا

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف دعويٰ ڪئي آهي ته هن وقت تائين انٽرنيشنل ۽ سوشل ميڊيا ٽيم جي پنج ڪارڪنن کي اغوا  ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته ڪالهه صبح سوشل ميڊيا ٽيم جي ٽن ڪارڪنن کي اغوا ڪيو ويو آهي، جن ۾ انٽرنيشنل ميڊيا ڪوآرڊينيٽر احمد جنجوعه به شامل آهن،.سندس چوڻ هو ته ٽي سوشل ميڊيا ورڪر فريد ملڪ، مدثر ۽ فيضان به اغوا ٿي ويا آهن، جڏهن ته هن وقت پي ٽي آءِ جي سڄي ميڊيا سينٽر کي نشانو بڻايو پيو وڃي. تحريڪ انصاف موجب هڪ ٻئي ميڊيا ورڪر ملڪ رمضان کي به ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو.زلفي بخاري موجب پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم خلاف گذريل ٻن هفتن کان سخت ڪريڪ ڊائون جاري آهي. هي رڳو عالمي ميڊيا ٽيم تي حملو ناهي پر اظهار جي آزادي تي پابندي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته موجوده حڪمرانن جي نااهلي ۽ غير جمهوري سوچ سبب ملڪ جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن، سندس ڪاوڙ سوشل ميڊيا تي آهي انفرادي طور تي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.ٻي پاسي ايمان مزاري احمد جنجوعه جي بازيابي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. احمد جنجوعه جي گهرواري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڇنڇر جي صبح سادا ڪپڙا پاتل 20 ماڻهن سندس گهر جو دروازو ٽوڙي سندس مڙس کي کڻي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.