تربت (م ڊ) ڪيچ ضلعي جي مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيلن جي وارثن پاران پنهنجن پيارن جي آزادي لاءِ لڳايل احتجاجي ڪيمپ کي 7 ڏينهن مڪمل ٿي ويا اهن، ڪيچ ضلعي انتظاميا جي آفيس آڏو وارثن جو احتجاج جاري آهي، جنهن سبب ڪمشنر مڪران، فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي چيئرمين ڪيچ جي آفيس به گذريل هڪ هفتي کان بند پيل آهي. ڪئمپ کي هڪ هفتو پورو ٿيڻ تي وارثن احتجاجي مظاهري جي دائري کي وڌائيندي بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي، بليده مان گم ٿيل جان محمد جي ماءُ بي بي شراتون جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ بيهوش ٿي وئي، جنهن کي ڪمئپ تي ئي طبي امداد ڏني وئي. وارثن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جا پيارا بازياب نه ٿيا ته احتجاج جي سمورن آپشن تي عمل ڪنداسين. ڪئمپ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شامل آهي، جن جو تعلق ڪيچ ضلعي جي مختلف علائقن سان آهي، ڪيمپ ۾ بي ايس او پجار، حق دو تحريڪ ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو.