پي ٽي آءِ تي پابندي وارو معاملو ڪٿي دنگ ڪندو

تحرير: خدا بخش بروھي

جيئن ئي  سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني فل بينچ 12 آگست واري سني اتحاد ڪائونسل جي حق ۾ ٿيل مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ پشاور ھاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم ۽ غير آئيني قرار ڏيندي  پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽن جو حقدار قرار ڏنو آھي تيئن ان ئي  ڏينھن کان حڪومتي پارٽي جي سک آرام ۾ خلل پئجي ويو آھي. تنھن ڪري حڪمران پارٽي سست ئي ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪرائڻ ۽ پي ٽي آئي کي سوگھو ڪرڻ خاطر پي ٽي آئي تي پابندي لڳائڻ لاءِ پنھنجون سرگرميون ڪوششون ۽ جتن شروع ڪري ڇڏيا آھن.

جڏھن ته ڪورٽ جي ان فيصلي سان پي ٽي آءِ جون عورتن ۽ اقليتن سميت قومي اسيمبلي ۾ 84 مخصوص سيٽون وڌيون آھن ھاڻ جملي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جي سيٽن جو تعداد 107 ٿي ويندو جڏھن حڪمران جماعت مسلم ليگ ن وٽ 106، پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ 69، ايم ڪيو ايم  22 ۽ جميعت علماءِ اسلام وٽ 9 سيٽون ھونديون پر تنھن ھوندي سپريم ڪورٽ جيڪو پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آھي ان فيصلي حڪومتي ڌرين خاص ڪري ن ليگ جي محنتن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي ڇوته  فيصلو ڪنھن ھيٺين ڪورٽ ڏنو ناھي  اھو فيصلو سپريم ڪورٽ ڏنو آھي ان تي اتحادي پارٽين کي ٿوري گھڻي تڪليف ٿي ھوندي پر ن ليگ جيڪو وفاقي حڪومت سميت پنجاب ۾ حڪومت ڪري ٿي ان جا ڪن کڙا ٿي پيا آھن سچ پچ  انھن جون ته  ھن فيصلي اصل   ننڊون ڦٽائي  ڇڏيون آھن.

ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينھن اڳ  اسلام آباد ۾  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پريس ڪانفرنس ڪئي آھي ھن چيو آهي ته ھاڻ الائي ٿي ويو تحريڪ انصاف ۽ ملڪ گڏ نٿا هلي سگهن ھن واضح چيو ته  هو پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ چاهين ٿا، ھڪ ته ھن ملڪ ۾ طالبان تي ھلڪو ھٿ رکيو آھي ٻيو ملڪ ۾ افراتفري ڪرائڻ چاھين ٿا.

9 مئي واقعي جو حوالو ڏيندي ھن چيو ته پي ٽي آئي  جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪرايو هو، وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪندي، اهو فيصلو حڪومت جي اتحادي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو آھي ان ڪري  جڏھن ته حڪومت اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6  جو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽنهي ڄڻن خلاف وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. پوءِ ڪيس سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪليا ويندا، انهن جا پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا،۽  پارليامينٽ مان ٺهراءُ پاس ڪرايو ويندو.

ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس کي بي مقصد چوندي چيو آهي ۽ حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻن تحريڪ ھلائڻ جي ڌمڪي ڏني آھي ڏسجي ته ھي حڪومت اڃان مس مس چرڻ لڳي آھي مٿان جي اھي اجيٽيشن شروع ٿيا ته جنھن مھانگي عوام اڄ جيتري قدر تنگ آھي سان اڃا گھڻو وڌي سگھي ٿي بھرحال پي ٽي آئي ان پابندي لڳائڻ واري ممڪن اعلان تي چوي پئي ته اھا ڪا  ٻارن جي راند نه آهي، ان تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر، شبلي فراز ٻين سخت رد عمل جو اظھار ڪيو آھي،  بيرسٽر گوهر اھو به چيو آھي ته حڪومت اسان جي مخصوص  سيٽن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي رهي آهي، جڏهن ته  ن ليگ جي ترجمان  کي خبر ناهي ته اسان تي پرڏيهي فنڊنگ جو ڪوبه  ڪيس ناهي.

جڏھن ته پ پ  اي اين پي، ق ليگ، عوامي پاڪستان پارٽي، ايڇ آر سي پي ۽ ٻين پي ٽي آءِ تي پابندي جي مخالفت ڪئي آھي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊرن وفاقي حڪومت پاران تحريڪ انصاف تي پابندي بابت اعلانيل فيصلي جي مخالفت ڪندي سينيئر اڳواڻن پنهنجي قيادت کي حڪومتي فيصلي جي کليل مخالفت ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو آھي  ته  هو حڪومتي فيصلي جي حمايت نه ڪري جڏھن ته يپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري جو کيس ان مسئلي تي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو بيان سامھون آيو آھي، ان کان سواءِ ٻين  اڳواڻن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ جي ان حوالي سان اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ واري بيان تي به حيرت جو اظهار ڪيو  آهي  پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ بابت قانون جي ماهر اعتزاز احسن  چيو آھي ته ڄاڻايل پابندي واري ڳالهھ محض ھڪ مذاق آهي، جيڪو کين گمراه ڪري رهيو آهي، ان تي پاڻھي ن ليگ جا وزير هڪ ٻن ڏينهن ۾ پريس ڪانفرنس جي ترديد ڪندا، انهن وٽ سٺا وڪيل ضرور  آهن پر هو نٿا سمجهن خبر ناهي کين ڇا ٿي ويو آهي، هو فارم 45 جي ظاهر ٿيڻ کان ڀڄڻ چاهين ٿا، فارم 45 سندن ڳچيءَ ۾ گھنٽي وانگر ٻڌل  آهي، خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته جڏهن کان فارم 45 ويب سائيٽ تي لڳايو ويو آهي جيڪو اليڪشن ڪميشن طرفان  اميدوارن لاءِ اهم فارم آهي، فارم 45 ثابت ڪري ٿو ته نواز شريف اليڪشن هارائي چڪو آهي، ان ڪري هاڻي هو ان کي تباه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جيڪڏهن فارم 47 سان اليڪشن کٽي اٿس ته  ان حوالي سان سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو، ٻئي طرف عوامي پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي جرئت ناهي، عمران خان جي حڪومت جون غلطيون آهن اها ڳالهه ورجائجندي رهي آهي. حڪومت به آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ جو شوقين آهي ته پوءِ آرٽيڪل 6 به حڪومتي حلقن تي پوندو اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته فون ٽيپنگ جي اجازت اسان کي  18 گريڊ جي هڪ آفيسر جي حوالي ڪري ڇڏي آهي فون ٽيپنگ جو معاملو حساس معاملو آهي، هن چيو ته اهو معاملو پارليامينٽ ۾ ڇو نه آندو ويو؟  ان کان علاوه عوامي نيشنل پارٽي جو مرڪزي ترجمان انجنيئر احسان الله خان به ان مسئلي چيو ته وفاقي حڪومت جو پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو غلط ۽ غير دانشمندانه آهي، سياسي پارٽين جو رستو پابندين ۽ رڪاوٽن سان نٿو روڪي سگهجي، تحريڪ انصاف سان سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت جو اهو قدم احمقانه تصور ڪيو ويندو  ملڪ  اھڙن مسئلي کي متعارف ڪرائڻ جي جڙ سياسي پارٽين کي نه پر دفاعي ادارا ۽ اسٽيبلشمينٽ وڌي آھي ، اسان کي انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻي آهي، جيڪي سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي مسئلن جا ذميوار آهن هڪ سياسي پارٽي کي ٻي سياسي پارٽي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، ان کان اڳ انساني حقن واري ڪميشن پي ٽي آءِ تي پابندي جي حڪومتي فيصلي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته  پابندي جو فيصلو غير آئيني آهي، ان سان رڳو افراتفري ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.