عربي ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو شاعر ابو عطاءَ السندي سنڌ ۾ پيدا ٿيو هو

تحرير: ڊاڪٽر برڪت نوناري

عربي ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو شاعر ابو عطاءَ السندي آهي، عربي ادب ۾ لکيل آهي ته ابو عطاءَ سنڌ ۾ ڄائو هئو.

جنهن وقت سنڌ تي عربن قبضو ڪيو ته ابو عطاءَ جو سمورو خاندان غلام بڻايو ويو، سندس ماءُ سنڌ ۾ غلاميءُ جي دوران گذاري وئي، ابو عطاءَ جي پيءُ کي ڪوفي جي اسدي قبيلي جي هڪ سپاهيءَ کي مال غنيمت ۾ غلام ٿي مليو، اهو ڪوفي جو عرب سپاهي جڏهن واپس ويو ته ابو عطاءَ جي پيءُ کي پنهنجي غلام طور وٺي وڃڻ لڳو، ابو عطاءَ جي پيءُ ان عرب سپاهيءَ کي چيو ته هن جي ماءُ به مري وئي آهي، هتي اڪيلو رهي نه سگهندو.

ابو عطاءَ ڪوفي ۾ پليو ۽ عربي ٻولي سکيو، ابو عطاءَ جي شاعري ٻڌي پورو ڪوفو دنگ رهجي ويو ته ڪاري رنگ جو غير عرب عجمي سنڌي ڇوڪرو ايڏي شاندار عربي شاعري ڪيئن ڪري ٿو. ابو عطاءَ السنديءَ جي شاعريءَ جو هڪ وڏو ديوان ڇپيل آهي، سندس شاعري پوري عرب دنيا جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ پڙهائي وڃي ٿي.

ابو عطاءَ نسلي طور سنڌي هندو هئو، يزيدي فوج جو غلام بڻايل عجمي هئو پر ان جي باوجود بنو هاشم (اهل بيت) جا قصيدا ڳائيندو هئو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.