عدالت، شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي ملندڙ موتمار ڌمڪين جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي

شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي خاتون ۽ سندس ڀاءُ يعقوب گڏاڻيءَ هڪ دفعو وري صحافي نصرالله جو ڪيس گهوٽڪي ضلعي مان ڪنهن ٻي ڊويزن ۾ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي شهيد جي امڙ ۽ ڀاءُ ٻڌايو آهي ته اسان کي گهوٽڪي ضلعي ۾ خطرو آهي. ايم اين اي ۽ ايم پي اي جا هٿياربند اسان جي عدالتي حاضري دوران رستا روڪ ڪن ٿا ۽ هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته قتل ڪيس جي پوائيواري نه ڪريو نه ته سڄي خاندان کي ماري ڇڏينداسين. شهيد صحافي جي امڙ جو چوڻ آهي ته نصرالله حق ۽ سچ خاطر شهيد ٿيو اسان به حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي پهرين آگسٽ تي وري حاضري آهي اميد آهي ته اسان جي اها عدالتي حاضري يقيني بڻائي ويندي ۽ اسان کي هراسان نه ڪيو ويندو.

ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته ظالم ظلم به ڪري ۽ مٿان وري چئي ته دانهن ڪوڪ به نه ڪريو، احتجاج به نه ڪريو ۽ انصاف کي به نه ٻاڏايو. ظالمن کي اها ڳالهه ڪير سمجهائي ته ظلم جو نتيجو خواري ۽ بدنامي ئي هوندو آهي. جيڪڏهن اوهان خواري، بدنامي ۽ خراب انجام کان ايڏو ئي خائف آهيو ته پوءِ اهڙا ڪڌا ۽ ظالماڻا ڪم ئي ڇو ٿا ڪريو. باقي اهو ته ممڪن ئي ناهي ته ظلم ڪريو ۽ ڪير اُف به نه ڪري. ظالمن کي پنهنجي ڪني انجام تي ضرور رسڻو هوندو آهي، اهو اڻٽر آهي.

انصاف برابر هتي نه جي برابر آهي، جيڪڏهن اٽي ۾ لوڻ جيترو ملندو به ته ورلي ئي ملي ٿو پر هاڻي جنهن شديد نموني، همت ۽ بهادري توڙي ثابت قدمي سان ماڻهو انصاف ماڻڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا آهن تنهن اميد پيدا ڪئي آهي ته آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي جي نئين دور جو نئون سج ضرور اڀرڻو آهي. سنڌ ۾ ان حوالي سان شعور جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي. عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي امڙ پنهنجي شهيد پٽ جي قاتلن کي انجام تي رسائڻ لاءِ جيڪا جدوجهد شروع ڪئي آهي سا انصاف ماڻڻ جي نئين دور جي شروعات آهي جنهن ۾ هڪ امڙ پنهنجي ذاتي صدمي کي طاقت ۾ بدلائي ان کي حق ۽ سچ جي جدوجهد جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ ساڻس نه رڳو عوامي آواز ميڊيا گروپ پر ڀوتارڪي نظام خلاف پيدا ٿيل نئون مذاحمتي شعور به گڏ آهي جنهن حقيقت ۾ ڏسجي ته ڀوتارڪي نظام کي نه رڳو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي پر ڊيڄاري به ڇڏيو آهي. ڀوتارن کي چڱي ريت خبر آهي ته عوام جيڪڏهن ماضي وانگر ظلم کي پنهنجو مقدر نه سمجهندو ۽ اهو چپ ڪري نه ويهندو ته قانون جو رسو پوءِ سندن ئي ڳچي ۾ پوندو تنهن ڪري اهي ڀوتار هاڻي پنهنجي بقا جي آخري ڪوششن ۾ رڌل آهن. اصل ۾ ڀوتارن کي حڪومت، پوليس ۽ عدالتن جي پٺڀرائي آهي. سندن مضبوطي جو ڪارڻ به اهو ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي عوام جي جديد شعور جي جدوجهد جي نشاني تي حڪومت، پوليس ۽ عدالت به آهي. جديد شعور سمجهي ٿو ته هاڻي حڪومتن، پوليس کاتي ۽ عدليه تي زور ڀرڻ گهرجي ته اهي ظالم  ڀوتارڪي نظام مان هٿ ڪڍن ۽ ملڪ کي جمهوري ۽ آئيني قانوني اصولن تي هلائين. جيڪڏهن موجوده جديد مذاحمتي شعور جي موجودگي ۾ به حڪومت، پوليس ۽ عدالتون ڀوتارن جي سرپرستي ڪنديون ۽ سهولت ڪار بڻبيون ته ڀوتارن سان گڏ اهي حڪومتون، پوليس ۽ عدالتون به عبرت جو انجام بڻجنديون، تنهن ڪري حڪومتن، پوليس ۽ عدالتن کي نئين شعور واري دور جي گهرجن کي سمجهڻو پوندو ۽ ان روشني ۾ نئين انداز سان عوام جي نبض تي هٿ رکي پاليسيون جوڙڻيون پونديون. ان طريقي ۾ ئي سندن بقا به آهي ته عزت به آهي.

جيستائين شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ ڀاءُ جي شڪايت جو معاملو آهي ته اصولي طور تي حڪومت، پوليس ۽ عدالت کي مظلوم ڌر جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هاڻي اهو وقت ناهي رهيو ته مظلوم طاقتون هيڻيون ٿي ويهي رهنديون يا موتمار ڌمڪين تي چپ ڪري ويهي رهنديون. اهي مظلوم قوتون هاڻي اوهان جي ئي ڪرتوتن کي ظاهر ڪنديون ۽ ثابت ڪنديون ته حڪومت، پوليس ۽ عدالتون ظالم طاقتن ۽ ڀوتارن سان گڏ آهن. اهڙي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته عدالت مظلوم ۽ فريادي ڌر جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ ان ڳالهه جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ته فريادي ڌر جي عدالت ۾ حاضري کي يقيني بڻائجي. ٻيو ته فريادي جن جوابدارن جي موتمار ڌمڪين جي نشاندهي ڪن ٿا تن تي پوليس ذريعي ڪرڙي نظر رکي وڃي ۽ نصرالله جي خاندان جي حفاظت جو يقيني بندوبست ڪيو وڃي. انهيءَ تي به سوچيو وڃي ته نصرالله جو قتل ڪيس گهوٽڪي ضلعي جي ڪنهن ٻي ڊويزن ڏانهن منتقل ڪجي ڇاڪاڻ ته فريادي ڌر کي ان ڊويزن ۾ خطرو آهي.

اسان وٽ بجاءِ ان جي ته حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري اها الٽو قاتلن، ڏوهارين، ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي حفاظت کي پنهنجو اولين فرض سمجهي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هتي لاقانونيت عام آهي. ڏوهاري ۽ بدي جي طاقتن کي ڇوٽ مليل آهي، قتل ڌڙا ڌڙ ٿين ٿا. ڏوهي وارداتون عام آهن پر قاتلن جي گرفتارين ۽ سزائن جو عمل سست آهي. چپ چپات ۾ ڏوهاري جيلن مان آزاد ٿي وڃن ٿا ۽ بااثر ڌريون ڌمڪائي، ڊيڄاري مظلوم ڌرين کي ڪيسن تان هٿ کڻائي وجهي ٿي ۽ وارثن کي ڪروڙين روپيا ڏئي آخر ۾ ڪيس ختم ڪرائي وجهي ٿي. پر جيئن اسان مٿي ڄاڻايو آهي ته هاڻي ٻيو دور آهي. هاڻي اهي ذيادتيون ۽ ناانصافيون ظالمن ۽ طاقت ور ڌرين کي ڦٻي نه سگهنديون. هاڻي حڪومتن، عدالتن ۽ پوليس تي دٻاءُ وجهي ڏوهارين ۽ بدي جي طاقت جي سرپرستي ۽ سهولت ڪاري ختم ڪرائي ويندي.

سو بهتر اهو آهي ته هاڻي حڪومتون، عدالتون ۽ پوليس پنهنجو قبلو درست ڪن ۽ عوامي احتساب کان بچڻ جي ڪوشش ڪن ۽ شهيد نصرالله جي امڙ ۽ ڀاءُ ڪيسن ۾ حاضري نه ٿيڻ جون جيڪي شڪايتون ڪري رهيا آهن تن جو ازالو ڪيو وڃي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي ملندڙ موتمار ڌمڪين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.