ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ موبائيل ڊيٽا استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي واٽس ايپ تي وائس نوٽ، تصويرون ۽ ڊاڪيومينٽ موڪلڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
ملڪ ۾ ٿري جي، فور جي استعمال ڪندڙ ڪروڙين واهپيدار واٽس ايپ استعمال ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ٻئي پاسي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) موجب، اسان کي واهپيدارن طرفان ڪا به شڪايت نه ملي آهي، ميڊيا تي هلندڙ خبرن بعد معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.
PTA Whatsapp Pakistan