پوليو جو هڪ وڌيڪ ڪيس رپورٽ،هلندڙ سال ڪيسن جو انگ 9 ٿي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ 18 مهينن جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي، جنهن بعد 2024 دوران ملڪ ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 9 ٿي ويو.
حسن زئي اربن واري علائقي ۾ ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي وئي، 28 جون تي نشانيون ظاهر ٿيون.
وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد جو چوڻ آهي ته وائرس جي جينياتي ٽيسٽ اڃا به جاري آهي.
هن تصديق ڪئي ته هن وقت تائين ملڪ ۾ 9 ٻار پوليو کان متاثر ٿي چڪا آهن، جن مان 7 ڪيس رڳو بلوچستان مان رپورٽ ٿيا آهن.

Pakistan Poliocase reported

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.