پي ٽي آءِ پيپلزپارٽي سان ڳالهين وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر پيپلز پارٽي سان ڳالهين وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر پنهنجي بيان ۾ پيپلزپارٽي سان ڳالهين وارين خبرن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو.
اسد قيصر جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سان ڳالهين جي حوالي سان نه ته هن ۽ نه ئي پي ٽي آءِ جي ڪنهن ٻئي اڳواڻ ڪو بيان ڏنو آهي.
اڳوڻي اسپيڪر چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان پيپلز پارٽي سان ڳالهيون بابت ڪا به هدايت ناهي ڏني.

Pakistan PTI PPP

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.