لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نون ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ سان سٺو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي، روڊ تي ٿاٻا کائيندڙ همراهه کي چيو ويو اچ اسان توکي انصاف ڏينداسين.
نون ليگ جي صدر نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف منسٽر سولر پئنل فنانسنگ اسڪيم بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته بجليءَ جو بل ڪو به ادا نه ٿو ڪري سگهي، بجلي جو بل رڳو غريب ماڻهن لاءِ ئي نه هر هڪ لاءِ مصيبت بڻجي چڪو آهي.
هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ۽ بجلي ا اگهه به ظابطي ۾ رکيا، 2017ع تائين بجليءَ جا بل گهٽ ۽ ڊالر جو اگهه هيٺ هو، 2018 کان نظر لڳي ۽ غريب پيسجي ويو.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته روڊ تي ٿاٻا کائيندڙ همراهه کي چيو ويو اچ اسان توکي انصاف ڏينداسين، مان پڇيان ٿو هن ملڪ سان ظلم ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي، اسان آءِ ايم ايف واپس موڪلي ڇڏيو بعد ۾ ڪنهن آندو هو؟ سڀني کي خبر آهي.
نواز شريف چيو ته ملڪ سان سٺو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي، فيصلا ڏيندڙن کي هاڻي به سوچڻو پوندو، عوام جي پرواهه ڪريو، رليف لاءِ جيڪو به ڪرڻو پوي ڪريو.
ملڪ سان سٺو ناهي ٿي رهيو، روڊن تي ٿاٻا کائيندڙ شخص کي چيو ويو اچ توکي انصاف ڏينداسين: نواز شريف
You might also like