اداڪارا نه وڪيل ٿيڻ چاهيو پئي:ڪرينا ڪپور جو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ بيبو جي نالي سان شهرت حاصل ڪندڙ سپر اسٽار ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته هو هڪ سٺي شاگرد هئي، ۽ وڪيل بڻجڻ چاهيو پئي.
ڪرينا ڪپور جيڪا هاڻي بالي ووڊ جي ٽاپ اداڪارا آهي، هن پنهنجي ڪيرئر جي شروعات 2000 ۾ اڀي شيڪ بچن سان گڏ فلم ريفيوجي سان ڪئي هئي.
شوبر انڊسٽري ۾ قدم رکڻ کان پهريان اداڪارا پنهنجي پڙهائي کي وٺي ڪري گهڻي سنجيدا هئي،هن هارورڊ يونيورسٽي ۾ سمر ڪورس به ڪيو هو.
ڀارتي خابرو اداري موجب ڪرينا ڪپور تازو ئي انٽرويو ۾ چيو آهي ته منهنجي والدين طرفان مون تي ڪو به دٻاءَ نه رکيو ويو هو ۽ نه ئي وري ڪنهن اداڪاري تي مجبور ڪيو.
ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته منهنجي والدين سدائين اهو چاهيندا هئا ته مان اهو ڪيان جيڪو منهنجو دل ڪري ٿو، مان پنهنجي پسند ۽ شوق جي حساب سان پنهنجي پيشي جي چونڊ ڪيان.

India Bollywood KarinaKapoor

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.