سَسُئي جي حوالي سان مشهور ماڳ ڀَنڀور ، ڪراچيءَ کان چاليهارو کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مُک قومي شاهراهه ڀَرسان موجود آهي . سنڌ جي تاريخ جا ڪجهه ڄاڻو ڀَنڀورَ کي ديبل يا ديول پڻ چوندا ۽ لکندا آهن ، پر هتي ان بحث ۾ پوڻ بجاءِ ڀَنڀور جي هاڻوڪي صورتحال ، اهميت ۽ اتي موجود شين بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي.
پاڪستان ، فرانس ۽ اِٽلي جي آرڪيولوجي وارن جي گڏيل ٽيم جي تحقيقي رپورٽن مطابق ڀنڀور جو قديم قلعي بند شهر قبل مَسيح کان وٺي موجود هو ۽ اِهو سنڌ جو هڪ مشهور واپاري مرڪز هو. هتي ٻين قيمتي وَکرن جي وَڻج واپار سان گڏ ، دل کي وِندرائڻ جو هر اهو سامان موجود هوندو هو جيڪو ان دور جي مشهور بندرن ۾ عام جام ملندو هو.
سنڌ جا ڪجهه ڏيهي وِدوان ۽ ڀُونءِ وِگيان چون ٿا ته سَسُئي جو شهر ڀَنڀور رڳو ”ڀَنڀور“ ئي آهي ۽ ان جو ديبل يا ديول سان ڪو به واسطو نه آهي ، ڇاڪاڻ ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي رِسالي ۾ ڪيترائي ڀيرا ”ڀَنڀور“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي ، جڏهن ته سندن رسالي ۾ ڪٿي به ديبل يا ديول جو لفظ لکيل ئي نه آهي!.
بهرحال ڀَنڀور ۾ هن وقت هر اُها سهولت موجود آهي ، جيڪا ڪنهن به سٺي تاريخي ماڳ تي هئڻ گهرجي.
- ڀَنڀورَ ۾ هڪ بهترين مِيوزيم موجود آهي ، جتي آرڪيولوجي ماهرن پاران مختلف وقتن ۾ ڪيل کوٽائيءَ منجهان مليل لاڌِ رکيل آهي ۽ گڏو گڏ ان بابت لاڳاپيل ڄاڻ به سنڌي ، اڙدو توڙي انگريزي ٻولين ۾ لکيل آهي.
- ميوزيم کان سواءِ ڀَنڀورَ جو قديم قلعي بند شهر ۽ آرڪيولوجي جي ماهرن پاران ڪيل کوٽائين وارا هنڌ پڻ ڏسڻ وٽان آهن ، جن کي ڏسي سَياحن کي سٺي ڄاڻ حاصل ٿيندي آهي.
- ڀَنڀورَ ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ ٿي سگهي ٿو ، تنهن ڪري سَياحن کي ڪنهن به قسم جو اُلڪو نه ڪرڻ گهرجي ۽ کين بي اونو ٿي ڀَنڀورَ جي ياترا لاءِ اُسهڻ گهرجي.
- ڀَنڀورَ ۾ سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي پاران ڪجهه ملازم پڻ رکيل آهن ، جيڪي سَياحن کي ماڳ بابت اهم ڄاڻ ڏيڻ سان گڏو گڏ کين ڀَنڀورَ بابت ڇپيل بروشر پڻ ڏيندا آهن.
- ڀَنڀورَ تي تحقيق ڪرڻ جو شوق رکندڙن ، تاريخ ، جيوگرافي ، ميوزم ، قديم آثارن ، جيولوجي ، آرڪيولوجي، ائنٿروپولوجي ، آرٽ ، آرڪيٽيڪچر ۽ سنڌ جي لوڪ ڪٿائن ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي ڀَنڀورَ جو ڀيرو ضرور ڀَڃڻ گهرجي.
- ڀَنڀورَ تي وِڊيو ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ ، وِي لاگ ٺاهڻ يا ڦوٽو گِرافي جو شوق رکندڙن کي اتي موجود سرڪاري نمائندن کان اڳواٽ اجازت وٺي ، پوءِ اهو شوق پورو ڪرڻ گهرجي.
سنڌ حڪومت جي سَياحت ، قديم آثارن ۽ ثقافت کاتي لاءِ ڪجهه اهم صلاحون
- سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڀَنڀورَ ڀرسان يا مُک قومي شاهراهه تي عالمي سَطح جو هڪ هوٽل تعمير ڪرائي ته جيئن ، ٻاهرين ملڪن منجهان ايندڙ سَياح اتي رهائش اختيار ڪن ، جنهن جو فائدو ظاهر آ .. سنڌ حڪومت ۽ مقامي ماڻهن کي ٿيندو.
- سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي کي ڀَنڀورَ کي يُونيسڪو وارن جي ” ورلڊ هيريٽيج سائيٽس “ واري لِسٽ ۾ شامل ڪرائڻ گهرجي ، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ هاڻ اُتي اُهي سڀ سهولتون موجود آهن ، جيڪي ڪنهن به ورلڊ هيريٽيج سائيٽ تي هونديون آهن.
- سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ، گهاري شهر ۾ مُک قومي شاهراهه تي موجود زيبسٽ يونيورسٽيءَ وارن سان لَهه وِچڙَ ۾اچي هڪ ” تحقيقي اِدارو “ قائم ڪري ، جيڪو ڏيهي توڙي پرڏيهي شاگردن ڀَنڀورَ تي تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ڪري ۽ سَهولتون به مُهيا ڪري ڏئي.
- جيئن ته ڀَنڀورَ واري سائيٽ تمام گهڻي ايراضي تي ڦهليل آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته اتي سَياحن جي ويهڻ لاءِ مناسب مقدار ۾ سيمينٽ واريون يا ڪاٺ سان ٺهيل بينچون ٺهرائي ۽ کين سائيٽ اندر ڇَٽيون پڻ ٺهرائڻ گهرجن ، جنهن سان سَياح اُسَ ۽ لُڪَ کان بچي پوندا.
- اڄ ڏينهن تائين ڀَنڀورَ تي جيڪو به مواد ڇَپيل حالت ۾ موجود آهي ، اُهو سائيٽ تي موجود هئڻ گهرجي ، اُن سان هڪ ته اُهي ڇپيل ڪتابَ ، رِسالا يا اخبارون وِڪرو ٿينديون ؛ ٻيو وري سَياحن جي ڄاڻ ۾ پِڻ اِضافو ٿيندو.
- ڀَنڀورَ تي هر سال هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي ، جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمَ پنهنجا پنهنجا مضمون پڙهن ۽ تاثرات بيان ڪن.
ان سان هڪ ته ڀَنڀورَ کي عالمي پَذيرائي حاصل ٿيندي ٻيو وري ماڻهن ۾ پنهنجي قديم ثقافتي وِرثي کي بچائڻ جي سُجاڳي پيدا ٿيندي.