ھڪ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر جي خرابيءَ ڪيئي ملڪن ۾ اھم شعبن کي بيھاري ڇڏيو

انسان پنھنجي آسودگيءَ جي لاءِ نت نيون ايجادون ڪيون آھن،ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو سسٽم دنيا کي ڳنڍڻ،وقت بچائڻ ۽ ڪم اڪلائڻ جو ھڪ شاھڪار نمونو آھي.ڪڏھن ڪڏھن ان ٽيڪنالوجي جي اونداھي پاسي جو  بھ مشاھدو ٿيندو آھي. اھڙو ئي مشاھدو جمعي ڏينھن 10 جولاءِ تي بھ ٿيو.جنھن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ فلائيٽ سسٽم سميت ڪئين شعبا ھڪ عالمي ٽيڪنيڪل مسئلي سبب متاثر ٿيا، جنهن  جو سبب ڪرائوڊ اسٽرائيڪ نالي ھڪ سائبر ڪمپني کي قرار ڏنو پيو وڃي. جيتوڻيڪ لاڳاپيل ڪمپني جو چوڻ آھي تھ اھو ڪو سائبر حملو نھ آھي،پر تاحال صورتحال چٽي نھ ھئڻ سبب  فوري طور ان بابت ڪجھھ چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالهھ ھوندي.

آمريڪا، برطانيه، آسٽريليا ۽ ھندوستان  سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي سان لاڳاپيل ٽيڪنيڪل مسئلي ڪمپيوٽر سسٽم کي متاثر ڪيو آھي.جنھن ڪري  دنيا ۾ ھوائي  اڏامون بھ متاثر ٿيون. ڪمپيوٽرسسٽم تي ڀاڙيندڙ اھي  اسپتالون، ٽي وي چينلز، بئنڪون ۽ اسٽاڪ مارڪيٽن جو ڪم به متاثر ٿيو.پر پاڪستان ۾ هن وقت تائين اهڙي فني خرابي رپورٽ نه ٿي آهي. ان فني خرابي سان اڪثر انٽرنيشنل  ايئر لائنز متاثر ٿيون آهن. سڄي دنيا ۾ ڪجهھ ئي ڪلاڪن ۾هڪ هزار کان وڌيڪ اڏامون معطل ٿيون آھن، فني خرابي جي  اثر وڌڻ ۽ وڌيڪ  اڏامن جي معطل ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي.

بي بي سي جي سائبر نمائندي جو ٽيڊي موجب، 2017 ۾ ٿيل  سائبر حملي کان پوءِ آئي ٽي جو ايترو وڏو  مسئلو سامھون نھ آيو ھو. تڏهن 150 ملڪن ۾ ٽي لک ڪمپيوٽر متاثر ٿيا ھئا. متاثر ٿيل اڪثر ادارا ۽ تنظيمون مائڪروسافٽ جي ڪمپيوٽر سسٽم تي ڪم ڪري رھيون  هيون، جنهن سبب ڪمپني تي پهريون شڪ پيدا ٿيو.

مائيڪرو سافٽ ويئر 356 سروس جي طرفان ايڪس اڳوڻي ٽوئيٽر تي ٻڌايو ويو تھ  ” هڪ مسئلي جي تحقيق ڪئي پئي وڃي.جنھن سان صارفين  کي Microsoft 365  ٻين ايپس ۽ خدمتن جي استعمال ۾ پريشاني ٿي رھي آھي.”بهرحال، بعد ۾ سافٽويئر جي ھڪ ترجمان بي بي سي کي ٻڌايو ته هنن جون اڪثرسروسز ڪافي ڪلاڪ اڳ بحال ٿي ويون هيون.

رائٽرز موجب سوئٽزرلينڊ جي فيڊرل آفيس فار سائبر سيڪيورٽي جو چوڻ آهي ته هن ٽيڪنيڪل مسئلي جو بنيادي سبب هڪ سائبر سيڪيورٽي ڪمپني آهي جنهن جو نالو ڪرائوڊ اسٽرائيڪ آهي. سوئٽزرلينڊ جي فيڊرل آفيس فار سائبر سيڪيورٽي موجب، ڪمپني پاران موڪليل هڪ اپڊيٽ ڪمپيوٽر سسٽم ۾ ٽيڪنيڪل خرابي پيدا ڪئي. ان کان اڳ آمريڪي ايئر لائنز پڻ ڪرائوڊاسٽرائيڪ کي ان جو ذميوار قرار ڏنو ھو.

ھاڻي ڪرائوڊ اسٽرائيڪ تسليم ڪيو آهي ته ان ٽيڪنيڪل خرابي جو سبب اھا آهن. ڪمپني چيو ويو آهي ته "ونڊوز هوسٽ جي ھڪ اپ ڊيٽ ۾ خرابي ٿي آھي جيڪا درست ڪئي پئي وڃي.”ڪمپني موجب "هي هڪ سيڪيورٽي مسئلو ناهي، ۽ نه ئي وري ڪو سائبر حملو آهي.”

ڪرائوڊاسٽرائيڪ  هڪ سائبر سيڪيورٽي ڪمپني آهي جيڪا 2011 ۾ قائم ٿي.هن ڪمپني جو مقصد دنيا جي وڏين ڪمپنين ۽ انهن جي ڪمپيوٽر سسٽم کي خطرن کان بچائڻ هو.

ڪمپني جي خصوصيت ۾سائبر سيڪيورٽي تحت آخري پوائنٽ تائين تحفظ فراهم ڪرڻ  آھي.ڇاڪاڻ جو اھا خطرن سان ڀريل سافٽ ويئر يا فائلن کي ڪارپوريٽ نيٽ ورڪ تائين پهچڻ کان روڪي ٿي.ڪمپني کي اھا ذميواري بھ سونپي ويندي آھي تھ اھا صارفين يعني وڏين ڪمپنين جي ڊيٽا ڪلائوڊ کي محفوظ رکي.

ڪرائوڊاسٽرائيڪ جو بنياد ٽيڪساس ۾ جارج ڪرٽز ۽ دمتري الپرووچ  رکيو ھو، ۽ شروع کان ئي ان ڪمپني سائبر حملن کي روڪڻ لاءِ ڪمپنين جي مدد ڪئي ھئي.ٽيڪنيڪل مسئلي سڄي دنيا ۾ ٽرانسپورٽ سسٽم، براڊڪاسٽرز، اسپتالن ۽ ٻين شعبن کي گھڻو متاثر ڪيو آهي.ايئر لائنز جا شيڊول متاثر ٿيا آهن برطانيا ۽ آمريڪا جي وڏن ٽي وي چينلن جي نشريات به متاثر ٿي آهي.برطانيا ۾ ڪيترن ئي ريئل ڪمپنين پڻ شڪايت ڪئي آهي ته انهن جا سسٽم ۽ شيڊول متاثر ٿيا آهن. آمريڪي رياست الاسڪا ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فون هيلپ لائن بھ موجود ناهي.پولينڊ ۾ بالٽڪ حب ٽرمينل بحري جهازن کي هدايت ڪئي آهي ته اھي ڪنٽينر آڻڻ کان پاسو ڪن. ان کان علاوه برطانيا ۾ ڪجهه ڊاڪٽرن شڪايت ڪئي آهي ته اهي  پنھنجي ڪمپيوٽر  رڪارڊ تائين رسائي کان قاصر آهن.آسٽريلوي ميڊيا موجب ان صورتحال دوران ملڪ جي ڪيترن ئي بئنڪن، ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين، ميڊيا ڪمپنين ۽ ايئر لائنز چيو آهي ته سندن ڪمپيوٽر سسٽم تائين رسائي نه ٿي رهي آهي ۽ آپريشن متاثر ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح نيوزيلينڊ جي ڪجهه بئنڪن مان به ان نوعيت جون شڪايتون مليون آهن.اسپين، انڊيا ۽ هانگ ڪانگ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايئرپورٽس ۽ اڏامون متاثر آهن. هندستان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ بئنڪ پنهنجن گراهڪن کي خبردار ڪيو آهي ته انهن جون خدمتون متاثر ٿي سگهن ٿيون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.