سوريا جي ڪپتان بڻجڻ بعد هاردڪ پانڊيا لاءِ پريشانيون وڌي ويون

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بي سي سي آءِ طرفان ٽي ٽوئنٽي عالمي جي فاتح ڪپتان روهت شرما جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سندس جاءِ سوريا ڪمار ياديو کي ڀارتي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ان قدم کي غيرمعمولي قرار ڏنو پيو وڃي، جيتوڻيڪ سوريا ڪمار مختصر فارميٽ ۾ وڏو اسڪور ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر ون ڊي ۽ ٽيسٽ لاءِ سندس چونڊ ناهي ڪئي ويندي.
سوريا ڪمار کي هنيئر تائين هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾محدود موقعا ڏنا ويا آهن پر هو پنهنجي جاءِ مضبوط ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
جيڪڏهن ڀارتي ٽيم جي تاريخ تي نظر ڊوڙائي وڃي ته هڪ مختلف وقتن ۾ ڪپتان ٽنهي فارميٽن ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو رهيو آهي، ڌوني ڪوهلي ۽ روهت شرما ان جو مثال آهن.
پر هتي جيڪا ڳالهه ڇرڪائيندڙ آهي سان اِها آهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ روهت جي نائب طور خدمتون انجام ڏيندڙ هاردڪ پانڊيا کي روهت شرما جي جاءِ تي ڪپتان بڻائڻ بدران مختصر فارميٽ جي قيادت سوريا ڪمار ياديو کي سونپي وئي آهي ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ نه کيڏندڙ شُڀمَن گِل کي نائب ڪپتان بڻايو ويو آهي.
بي سي سي آءِ جي تازي فيصلي مان اِهو اشارو ملي ٿو ته شُڀمَن گِل مستقبل ۾ ٽنهي فارميٽس ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪري سگهي ٿو ڇو ته کيس هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ به نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
پانڊيا جي حوالي سان فٽنس بابت خدشا موجود آهن، پانڊيا لاءِ آل رائونڊر طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ هاڻ ايترو سولو ناهي رهيو.
رپورٽس موجب، نئون هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير خاص طور تي سوريا ڪمار کي ڪپتان بڻائڻ جي درخواست نه ڪئي هئي پر هن پانڊيا جهڙي رانديگر سان ڪم ڪرڻ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو هو جيڪو فٽنس ۽ انجريز سبب ٽيم جو مستقل حصو ناهي رهيو.
هاردڪ پانڊيا سريلنڪا جي دوري دوران ون ڊي سيريز تان وقفي جي درخواست ڪئي هئي ۽ بي سي سي آءِ سندس درخواست قبول ڪري ورتي آهي پر اِهو چوڻ ڏکيو آهي ته ايندڙ ون ڊي سيريز ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي ۽ هو ڪيئن واپسي ڪندو ڇو ته ايندڙ سال چيمپيئز ٽرافي جو سال آهي جيڪو پڻ ون ڊي فارميٽ تحت کيڏي ويندي.
پانڊيا جي صلاحيتن کي ڏسندي اِهو چئي سگهجي ٿو ته کيس ضرور واپسي ڪرڻ گهرجي پر اِهو به واضح آهي ته ڀارت وٽ هن وقت پهريان کان به وڌيڪ آل رائونڊرز جا آپشنز موجود آهن.
ان شعبي ۾ ڀارت وٽ شيوم دوبي، اڪشر پٽيل، واشنگٽن سُندر جهڙا رانديگر موجود آهن ۽ اِهي سمورا رانديگر سريلنڪا خلاف سيريز ۾ اسڪواڊ جو حصو آهن.
هتي ان ڳالهه جو امڪان به آهي ته انهن مان ڪو شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم ۾ پنهنجي جاءِ مضبوط ڪري وٺي، جڏهن ته سليڪٽرز ۽ ڪوچز مستقبل تي نظرون کپائي ڇڏيون آهن.
واضح رهي ته سوريا ڪمار ياديو جي ڪپتان طور مقرري مختصر عرصي لاءِ آهي، سندس عمر هن وقت 34 سال آهي ۽ هو صرف ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ ئي ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪندو آهي، ان باوجود سندس ڊگهي عرصي تائين کيڏڻ جا امڪان گهٽ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.