پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، رٽائرڊ جسٽس نور الحق قريشي ۽ شبير احمد پاران شڪايت داخل ڪرائي وئي، شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز آئيني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
شڪايت ۾ ڄاڻايو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن پي ٽي آءِ جي مينڊئيٽ ۽ عدالتي فيصلن کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي.
شڪايت موجب اليڪشن ڪميشن جي قدمن سبب 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽرز متاثر ٿيا، شڪايت ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز خلاف الزامن جي انڪوائري ڪرائڻ جي استدعا به ڪئي وئي.

PTI Imrankhan ECP

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.