ڪشمور(ويب ڊيسڪ) ڪشمور پوليس ڪراچي واسي 70 سالن جي پيرسن کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.
ڪراچي جي ماڊل ڪالوني واسي ضياءَ جعفري ڌاڙيلن جي عورتاڻي آواز ۾ ڪيل فون ڪال تي هرکجي بڊاڻي جي ڪچي وڃي رهيو هو ته پوليس کيس روڪي ورتو.
پيرسن جو چوڻ هو ته عورتاڻي آواز ۾ فون ڪال ڪري ڌاڙيلن شاديءَ لاءِ زور ڀريو، پوليس روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.
Sindh Pakistan Sindhpolice