ذاتي ترجيحن بدران آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ گهرجي:چيف جسٽس جو ججز ڪميٽي اجلاس تي اختلافي نوٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس ايندڙ پروسيجر ڪميٽي 1-2 جي اڪثريت سان نظرثاني درخواستون گرمين جي موڪلن بعد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي 18 جولاءِ تي ٿيندڙ 17 هين اجلاس جا منٽس جاري ڪيا ويا.
جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيو ته نظرثاني صرف اهي 13 ججز ٻڌي سگهندا جن مرڪزي ڪيس به ٻڌا هجن.
ڪاغذن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي گرمين جي موڪلن بعد ٿيندي.
جسٽس منيب اختر راءِ ڏني ته رولز ۾ عدالتي موڪلن جو اختيار موجود آهي، نئين عدالتي سال جي شروعات هاڻي سيپٽمبر جي ٻئين هفتي کان ٿيندي، عدالتي موڪلن جو اعلان ٿي وڃي ته موڪلون رد ڪرڻ جي رولز ۾ ڪا گنجائش ناهي.
نظرثاني ٻڌڻ بدران موڪلون گذارڻ جي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جي راءِ تي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جواب ڏنو ۽ اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته اسان جو ڪم آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ آهي، اسان ججن آئين ۽ قانون ذريعي حلف کڻي رکيو آهي.
هن جو چوڻ هو ته اسان کي ذاتي ترجيحن بدران آئين ۽ قانون موجب عمل پيرا ٿيڻ گهرجي، هڪ هفتي ۾ جسٽس عائشا ملڪ پرڏيهه مان واپس اچي سگهي ٿي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اختلافي نوٽ ۾ ٻڌايو ته منهنجي ٻن ساٿي ججز نظرثاني نه ٻڌڻ جا ٻه سبب ٻڌائن، ساٿي ججن راءِ ڏني ته تفصيلي فيصلو اڃا اچڻو آهي، تفصيلي فيصلو ته انهن 8 ججز کي تحرير ڪرڻو آهي.
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته عدالت جي اهڙي قدم سان ڪنهن جو حق نٿو کسي سگهجي، تفصيلي فيصلي جي انتظار تائين نظرثاني ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ سان آئين ۽ قانون بي معنيٰ ٿي ويندو.

pakistan courts supremecourt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.