پي ٽي آءِ ڪي پي اسميبلي ٽوڙڻ لاءِ تيار آهي: مولانا فضل الرحمان جي دعويٰ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ ڪي پي جي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اليڪشن کان پهريان چيو هو ته عمران خان سان مقابلو ميدان ۾ آهي، جيڪا سياسي سهولت سياستدان طور مونکي آهي اها سڀني کي هجڻ گهرجي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن کانسواءِ نه امن نه ئي وري سياسي استحڪام ايندو، نئين چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ تيار آهي، پي ٽي آءِ باني سميت سياستدانن تي ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجن.
مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليماني ۽ بلدياتي چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن، نگران سيٽ اپ جو تصور ختم ڪيو وڃي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي بي وس آهي، خيرخواهي ۾ چيو هو ته ن ليگ ۽ پ پ نه وٺن، پ پ ۽ ن ليگ کي حڪومت جي ذميواري راس ناهي آئي.

Pakistan KPK molanafazulrehman

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.