ڊونلڊ ٽرمپ جو صدارتي اميدوار طور نامزدگي قبول ڪرڻ جو اعلان

واشنگنٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي اميدوار طور نامزدگي قبول ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي شهر ملواڪي ۾ ريپبلڪن جي ڪنوينشن کي خطاب ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو اميد جي پيغام سان سڀني جي اڳيان بيٺل آهي، آمريڪي سماج مان ورهاست کي ختم ڪرڻو پوندو، سندس فتح سموري آمريڪا لاءِ هوندي، هوگڏجي ترقي ۽ آزادي جي نئين دور جي شروعات ڪندا.
هن چيو ته هو سڀني آمريڪين لاءِ صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺي رهيو آهي، سندس سوڀ اڌ آمريڪا لاءِ نه هوندي.
اڳوڻي آمريڪي صدر چيو ته هو متحد آهن، سندن رستي ۾ ڪا به رنڊڪ نٿي اچي سگهي، هو جهڪڻ وارا نه آهن.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هو حملي دوران آخري وقت تي مٿو نه ڦيرائي ها ته گولي سندس مٿي ۾ لڳي ها ۽ هو اڄ هتي نه هجي ها، مان اڄ توهان جي اڳيان خدا جي فضل سان بيٺو آهيان.
هن چيو ته سنگين واقعي کانپوءِ اڄ هو اڳ کان وڌيڪ متحد ۽ پرعزم آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڊيموڪريٽس آمريڪا کي متحد ڪرڻ چاهين ٿا ته کين تعصب وارو رويو ڇڏڻو پوندو، ڊيموڪريٽ انصاف واري نظام کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ ۽ سياسي مخالفن کي جمهوريت دشمن قرار ڏيڻ بند ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.