نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پوٽي ڪائي ٽرمپ به پنهنجي ڏاڍي جي نقش قدم تي سياسي ميدان ۾ قدم رکي ڇڏيو.
ڪائي ٽرمپ گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو ري پبلڪن نيشنل ڪنونشن ۾ اسٽيج تي اچي ماڻهن کي خطاب ڪيو، ان موقعي تي سندس چوڻ هوته ڪيترن ئي ماڻهن منهنجي ڏاڍي کي ڪِيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو اڃا تائين بيٺو آهي.
ڪائي ٽرمپ چيو ته مون لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ هڪ عام ڏاڍي جهڙو آهي، هو والدين جي غير موجودگيءَ ۾ اسان جي پرگهور لهندو آهي، هو اسان کان پڇندو رهندو آهي ته پڙهائي ڪيئن پئي هلي، هو پنهنجي عدالتي ڪيسن دوران به مون بابت پڇندو رهندو آهي ۽ منهنجو حوصلو وڌائيندو رهندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪائي ٽرمپ جي عمر هن وقت 17 ورهيه آهي ۽ هوءَ ڊونلڊ ٽرمپ جي پٽ ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر جي اڳوڻي گهرواري ونيزا جي نياڻي آهي.
واضح رهي ته آمريڪي ري پبلڪن پارٽي طرفان ملواڪي ۾ جاري ڪنونشن ۾پارٽي ڊونلڊ ٽرمپ کي ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like