ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ طرفان حڪومت جي تبديليءَ جي اڳڪٿي بعد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي ڏهاڙي وڏي ٻاڙائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ انڊيڪس 81000 پوائنٽس جي نفسياتي سطح به ڪري پئي.
ٻاڙائي سبب 68.38 سيڪڙو شيئرز جون قيمتون ڪري پيون، جڏهن ته سيڙپڪارن جا 1 کرب 91 ارب 70 ڪروڙ 48 لک 82 هزار 607 رپيا ٻڏي ويا.
ڪاروبار جي شروعات 100 پوائنٽس جي تيزي سان ٿي، پر غيريقيني سياسي حالتن سان گڏوگڏ ايندڙ هفتي رول اوور ويڪ شروع ٿيڻ سبب سيڙپڪارن جي پراڻن سودن سبب مارڪيٽ ٻاڙائي جو شڪار ٿي وئي.
هڪ موقعي تي 2027 پوائنٽس جي وڏي نوعيت جي مندي سان هنڊريڊ انڊيڪس جي 80 هزار پوائنٽس جي نفسياتي سطح به ڪري پئي هئي، پر آخر ۾ ٻاڙائي جي شدت ۾ گهٽتائي واقعي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاروبار جي آخر ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1721.97 پوائنٽس جي لاٿ سان 80117.89 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو.
karachi stockexchange market