بي سي سي آءِ ڀارت جي نئين ڪپتان ۽ سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) روهت شرما جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سوريا ڪمار ياديو کي ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) هلندڙ ميهني سريلنڪا جي دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ۾ سوريا ڪمار ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته شُمڀَن گِل سندس نائب هوندو، روهت شرما ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني ڪندو جڏهن ته شُڀمَن گِل کي سندس نائب طور خدمتون انجام ڏيندو.
تجربيڪار بالر جسپريت بُمرا کي سريلنڪا جي دوري لاءِ آرام ڏنو ويو آهي، ڀارتي تيم سريلنڪا خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 27 جولاءِ، ٻي 28 جولاءِ ۽ ٽين ميچ 30 جولاءِ تي کيڏي ويندي، ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي شرعات ٻه آگسٽ کان ٿيندي، ٻي ون ڊي ميچ 4 ۽ ٽين ميچ ست آگسٽ تي شيڊيول آهي.
سريلنڪا جي دوري لاءِ ڀارتي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ سوريا ڪمار ياديو ( ڪپتان ) شُڀمَن گِل ( نائب ڪپتان ) يشسوي جئسوال، رنڪو سنگهه، ريان پراگ، رشڀ پنت ( وڪيٽ ڪيپر ) سنجو سيمسن ( وڪيٽ ڪيپر ) هاردڪ پانڊيا، شيوم دوبي، اڪشر پٽيل، واشنگٽن سُندر، روي بشنوئي، ارشديپ سنگهه، خليل احمد ۽ محمد سراج شامل آهن.
ڀارتي ون ڊي اسڪواڊ
ون ڊي اسڪواڊ ۾ روهت شرما ( ڪپتان ) شُڀمَن گِل ( نائب ڪپتان ) ويرات ڪوهلي، ڪي ايل راهول ( وڪيٽ ڪيپر) رشڀ پنت ( وڪيٽ ڪيپر) شرياس ائير، شيوم دوبي، ڪُلديپ ياديو، محمد سراج، واشنگٽن سُندر، ارشديپ سنگهه، ريان پراگ، اڪشر پٽيل، خليل احمد ۽ هرشيت رانا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.