ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا ۽ سندس گهرواري نتاشا اسٽينڪووچ گذريل ڏينهن پنهنجي عليحدگي جي تصديق ڪري ڇڏي.
جوڙي جي عليحدگي کانپوءِ هاڻ شادي جي معاهدي تحت نتاشا جي ملندڙ رقم بابت اڳڪٿيون شروع ٿي ويون آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب، هاردڪ پانڊيا جي ملڪيت ۾ اٽڪل 94 ڪروڙ ڀارتي رپين جا اثاثا آهن جڏهن ته نتاشا جي اثاثن جي ماليت 20 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اِهي خبرون سامهون آيون هيون ته هاردڪ ۽ نتاشا جي طلاق جي صورت ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر جا ستر سيڪڙو اثاثا نتاشا کي ملندا.
ڀارتي ميڊيا موجب، هاردڪ ماضي ۾ اِهو چئي چڪو آهي ته هو پنهنجي سموري ملڪيت ۽ اثاثن جو اڪيلو مالڪ ناهي پر سندس ماءُ به ان ملڪيت ۾ حصيدار آهي.
ڀارتي قانون موجب، نتاشا اسٽيڪووچ هاڻ به هاردڪ پانڊيا کان معاهدي تي تحت رقم جو مطالبو ڪري سگهي ٿي.
You might also like