اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)جوڊيشل ڪميشن جسٽس ريٽائرڊ سردار طارق مسعود کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس ريٽائرڊ سردار طارق مسعود کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.
جسٽس ريٽائرڊ سردار طارق مسعود جي نالي جي منظوري 8:1 جي تناسب سان ڏني وئي، جسٽس منيب اختر جسٽس سردار طارق مسعود جي ايڊهاڪ جج طور مقرري تي اختلاف ڪيو.
ذريعن موجب جسٽس ريٽائرڊ طارق مسعود جي ايڊهاڪ جج طور مقرري هڪ سال لاءِ ڪئي وئي آهي.
supremecourt pakistan judges