نظرثاني اپيل ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي،ن ليگ وفد جي صدر سان ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ن ليگ پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ مخصوص سيٽن جي فيصلي تي نظرثاني اپيل لاءِ صدر مملڪت کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ن ليگ وفد ايوان صدر پهتو.
خابرو اداري موجب مسلم ليگ ن مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي تي صدر آصف زرداريءَ سان ملي کيس اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ن ليگ جي قانوني ٽيم صدر زرداريءَکي انهي حوالي سان بريفنگ ڏيندي، جنهن لاءِ حڪومتي وفد ايوان صدر پهتو.
وفد ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق، نائب وزير اعظم اسحاق ڊار، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ،اٽارني جنرل ۽ ٻيا شامل هئا.

Pakistan president PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.